ڪِيُون جي سنڌي معنيٰ
ڪَيُون، ڪم آنديُون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Done, did.
ڪِيُون جا بيتن ۾ حوالا
سَرَتِيُون سُتَڙِيُون، سارِيان پِيرُ پانِھنِجو،
جاڳو اَکَڙيُون،
لَلاڻِيءَ جي لوءَ ۾، سارِي راتِ سُيون،
توبَهَ آھي تَنِ کان، ھَٿان جي ٿِيُون،
مُون کي ڏِيين نَہ مُنھَن ۾، جي مُون ڪالَهہ ڪِيُون،
ھَنڌِ نَہ آھي ھيڪَڙي، ميمَڻَ جو ھِنيُون،
ڪوھُ ڪَرِيبو تَنِ کي، جَنِي مَنجِهہ ڪِيُون،
حُسُنُ راھُو مَنِ جو، مُنھِنجو آھِ مِيُون،
مُنھِنجا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي، ٻِئا ڪَنِ ٻِيُون،
اَرَتو اوتَڻُ سِکِيُون، عادَتَ اَکڙِيُون.
[ سُر رِپ، وايون، 2 ]

ھِي ٻَہ ڳالِهڙِيُون، آئُون اورِيندِي پِرِينءَ سين،
گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا، کَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون،
ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 1 ]

سَرَ نِسَرِئا پاندَ، اُتَرَ لَڳا آءُ پِرِين،
مُون تو ڪارَڻِ ڪانڌَ، سَھِسين سُکائُون ڪِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 11 ]

ڪارُون جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو آيَلِ نَہ ڪِيُون،
ٻِيھَرَ وَڻِجارَنِ، موٽِي وَرَڻُ نَہ ٿِئي.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 2 ]

ڦَکَ کُسَنَئِي ڳِجَهڙِي، لِڱين پوئِي واءُ،
اَمِيرَنِ مَٿان، تو ڦُلين ڇائُون نَہ ڪِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 10 ]

ڀَنڀو جو ڀَنڀورُ ۾، ڪاڪُل ڏِٺُمِ ڪالَهہ،
ھاءِ تَنِي جي حالَ، زُلفَ جي زافُ ڪِيُون.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 6 ]

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، جَهلي مَيَنِ مَھارُون،
وِجِهئو ھَٿَ واڳَنِ ۾، ڪَري ٻانڀَڻِ ٻاڪارُون،
وَڃِي ڪِيُون وَڻِڪارَ ۾، چانگَنِ چانگارُون،
ڪِئَمِ وَسَ ڪارُون راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 12 ]

مُون کي لَڳَڙِي آھِ لَغارَ، وو يارَ لُنءَ لُنءَ ۾ لالَڻَ جِي،
ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ ھَزارَ،
جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي رءَ لُهارَ،
لَڳِي آھي نَہ لَھي سَندِي پِيَ پَچارَ،
کُوءِ سي جِيئَڻَ ڏِينھَڙا، جي نِي پِرِينَئُون ڌارَ،
ڪانگَنِ قَطارُون ڪِيُون، چُڪِيءَ کي چوڌارَ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، سَنجهي ٿِئَڙا سُوارَ،
گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان، تَنِ جَتَنِ جي جِنسارَ،
جيڪي اورَڻُ پِرِينءَ سين، جيڪي پِرِينءَ پَچارَ،
گَڏِي ويندِيَسِ گَسَ ۾، ڪاڪِيُون ساڻُ قَطارَ،
آئُون نِماڻِي نِڪَڻِي، دَمِج تُون دِلِدارَ.
[ سُر ديسي، وايون، 10 ]

جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو،
سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون،
ٻانھُون ٻيلَ نَہ لاھِيان، پُنَهلِ کي آئُون،
چَڙِهي نَہ سَگهان چوٽِيين، مارَڳُ مَٿاھُون،
ھُو جي پَھَڻَ پَٻَ جا، مَڻِيا مُڪائُون،
مُون مُٺِيءَ تي مَنڊئا گُوندَرَ گِلائُون،
ھِينئَڙو ڏَندَڻَ پاڙَ جِيئَن، ڇِڪِيءَ ڇِنائُون،
ھِينئَڙو ڌاڙُھُونءَ گُلَ جِيئَن، ريھي رَتائُون،
ڏُکِيءَ سَندي ڏيجَ ۾، ڏُونگَرَ ڏِنائُون،
ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين، تان گهورِي مَرُ آئُون،
ويندي ڪِيُون وَڻَنِ سين، سَسُئِيءَ سُکائُون،
پُنهون وَٺِي پاڻَ سين، موٽِيَسِ جي آئُون،
ڏِيندِيَسِ شاخَ سَڀَ ڪَنھِن، وَڻِ وَڻِ واچائُون.
[ سُر حسيني، وايون، 1 ]

نَہ ڪا ڏُکَ پَچارَ، آھَ نَہ سُڄي سُورَ جِي،
ڪانِهي تَنِ تَنوارَ، نِينھَن نِماڻِيُون جي ڪِيُون.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 30 ]