ڪِيائين جي سنڌي معنيٰ
ڪيائين، ٿي ڏيکاريائين، ڪري رھيائين
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Have made
ڪِيائين جا بيتن ۾ حوالا
جوڙي جوڙَ جَھانَ جِي، پاڻُ ڪِيائين پَرِوارُ ،
حامِي، ھادِي، ھاشمِي، سَرِدارين سَرِدارُ،
سُنھي صَحابَنِ سَٿَ ۾، مَنجِهہ مَسِجِدِ مڻيادارُ،
چارَئِي چَڱا چؤڌارُ، ھُئا ھيڪاندا حَبِيبَ سين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 25 ]

ڏيئِي ريجُ رائُڪَ کي، ڪِيائين لُوتِڙيءَ تي لَلَ،
ڏَلهي ڇَڏِيائِين ڏَڙَه کي، پَئي ڀَريائِين پَلَ،
آندِي آبَ اُڇَلَ، موڪَلَ ٿِي مِينھَنِ کي.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 15 ]

ويچارِيءَ وَڻِڪارُ، اَڳُ نَہ ڏِٺو ڪَڏِھِين،
مِھرَ نَہ ھُئِي ماڻُهين، ھو سَڀُ ھِندُوڪارُ،
جَتُ ڪِيائين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 10 ]

اَڙِي مي، سَمي جا سَمگِي، تَنھِن کي ڪيرُ چُوندو مي،
گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيائين مي،
تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني،
ڄارو ڄامَ ڪُلِهي ڪِئو، عِشقُ اِيئَن ڪَري،
سَمي جي سُھاڳَ جو، مِينڍو ڳُتو مي،
جَنِ نَہ وِھارِي وَٽِ ۾، ٿِئَڙا سَلامِي سي،
عالَمُ اِنعامِي ڪِئو، نُورِيءَ نازُ ڪَري.
[ سُر ڪاموڏ، وايون، 1 ]

بَرَ وُٺا ٿَرَ وُٺا، وُٺو جيسَلمِيرَ،
آگَمَ ڪَري آيو، پائُران ڀَري پيرَ،
لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، مَٿان وانڊِنِ ويرَ،
سُرَھا ڪِيائين سيرَ، سَرَھِيُون ٿِيُون سَنگهارِيُون.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 7 ]

وَڏَڙا ڏانَ ڏِنائِين، کَنيائِين رَختُ ريزالَنِ جو،
ڏاتِيُوم ڏي ڏَڏَنِ کي، سونُ سَراھِيُون سائِين،
اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏُ وِڌائِين،
ڪِينَ مَنجهان ئِي ڪِي ڪَري، سو نَہ ساراھِيين سائِين،
وَتُعِز مَن تَشَآءُ وَتُذِل مَن تَشَآءُ ، آھي سَڀَ اُتائِين،
نَوازِيائِين نُطفو، مَنجهان ڪِينَ ڪِيائين،
حرفَتَ حَرِيفَنِ جِي، ڀَڃِي سَڀَ ڀَڳائِين،
حاسِدَ سَڀَ حُزنَ ۾، مُدَعِي پاڻَ مُٺائِين.
[ سُر جاجڪاڻي، وايون، 2 ]