ڪُڻِڪَن جي سنڌي معنيٰ
ڪِنجهن، ڪُرڪن، دانھون ڪن، ريھن، رنڀن، آھون ڪن
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Crying, murmuring, vocal in pain, vowing
ڪُڻِڪَن جا بيتن ۾ حوالا
ڪانارِئا ڪُڻِڪَن، جَنِي لوھُ لِڱَنِ ۾،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ،
پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ،
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رَھِي اَچِجي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 12 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ،
پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ،
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رَھِي اَچِجي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 12 ]
ڪُونجُون ٿِيُون ڪُڻِڪَن، جيڪُسِ ھَلَڻَ ھارِيُون،
ٻَچا پوءِ سَندَنِ، وَڃَنِ واڌا ڪَندِيُون.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 16 ]
ٻَچا پوءِ سَندَنِ، وَڃَنِ واڌا ڪَندِيُون.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 16 ]
ڪُڻِڪَن ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، جُهڙُ پَسِئو جِهڄَنِ،
وَرَ ري وانڊِنِ اَڏِئا، پَکا سي مَ پُسَنِ،
اُتَرُ ڊاھي اُنِ جا، ڪَنھِن کي ڪارُون ڪَنِ،
ڪَلِهيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ، ويچارِيُون وَرَنِ ري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 24 ]