ڪَڙا جي سنڌي معنيٰ
در جي طاقن کي سوگهي ڪرڻ لاءِ ڪنڍا، تاڙا. زنجير جا ھڪڙا بڻيادي حصا. ٻيڙي وجهڻ لاءِ ڪاڄ، ڪاز.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Wickers or reeds frame for doors, walls etc. Hurdles. Mats of woven wattles placed in bottom of boats.
ڪَڙا جا بيتن ۾ حوالا
چَنڊَ ميرائِي سُپِرِين، کارا جِھَڙا کِيرَ،
ڪَڙا گهاءِ ڪيوِڙي، آڪا گهاءِ عَنبِيرَ،
ساجَنُ ڀَرِئو ڌِيرَ، مَنان مُورِ نَہ وِسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 33 ]
ڪَڙا گهاءِ ڪيوِڙي، آڪا گهاءِ عَنبِيرَ،
ساجَنُ ڀَرِئو ڌِيرَ، مَنان مُورِ نَہ وِسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 33 ]
مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، ٽيئي وِڄُنِ جي وَڙاءَ،
اُنِ کي جوڙا زَربَفتَ جا، ٻِئا سَهچَنِ سونَ ڪَڙا،
کاڄُ کَٿُورِي اُنِ جو، جوھَرَ ڪَنِ جَڙاءَ،
لُڏَنِ لُڊُوڻي ڪَنڌِيين، اُنِ جو پَٽَنِ پوءِ پَڙاءُ،
جَنِ پِيتو ڪاڪِ تَڙان، سي لوڍِي لاکِيڻا ٿِئا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 13 ]

سَترَھين ڏِينھِن سَنباھِيُون، سامِيَنِ سِٽائُون،
ڪَڙا ڪَچڪولَنِ ۾، ڳولي ڳُتائُون،
اُٿِي آديسِي ھَلِئا، جوڙي جَڙائُون،
سِڪَ نَہ سَلتائُون، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 17 ]
ڪَڙا ڪَچڪولَنِ ۾، ڳولي ڳُتائُون،
اُٿِي آديسِي ھَلِئا، جوڙي جَڙائُون،
سِڪَ نَہ سَلتائُون، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 17 ]
ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، جَنِ جي ڪَنَنِ ۾ ڪَڙا،
سَچَ ٻَڌائُون سَندِرا، جوڳِيَنِ جِيءَ جَڙِئا،
پائي مُنھُن مَڙِهئان، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 12 ]
سَچَ ٻَڌائُون سَندِرا، جوڳِيَنِ جِيءَ جَڙِئا،
پائي مُنھُن مَڙِهئان، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 12 ]
اَڇو ڪوٽُ عُمَرَ جو، ڏِسِئو ٿِي ڏَران،
هُتِ پوڃاڙِيءَ پَٽَنِ ۾، چانگارِينِ چَڙا،
قادِرَ ڀَڃُ ڪَڙا، تَہ مِلان مارُوئَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 10 ]