ڪوجهو جي سنڌي معنيٰ
بي ڊؤلو، بدشڪل، بدصورت، گول مول. خراب، گدلو، ميرو. ڪمترين، گهٽ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Ugly, dirty, inferior, mean, bad.
ڪوجهو جا بيتن ۾ حوالا
خييَئُون خَشيَتَ خَوفَ ۾، ڪِئائُون ڪِيني کي قَتَلامُ،
ڊِڄِئو ڊاءِ اللهَ جي، ڪوجهو ڪَنِ نَہ ڪامُ،
آئِي اُنَ جي بابَ ۾، آيَتَ اِيءَ اِنعامُ،
اِنَّ الَّذِیْنَ یَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَیْبِ ، پَرُوڙِجِ پَيغامُ،
خَطِرو لاھي خامُ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 7 ]

وِڳَندُ وَرِي آئِيو، ڪِنُو ٿِي ڪوجهو،
ڇَڏي نَہ موزو، لَڳِيَسِ آرِ عَطارَ سين.
[ سُر بلاول، وڳند، 5 ]
ڇَڏي نَہ موزو، لَڳِيَسِ آرِ عَطارَ سين.
[ سُر بلاول، وڳند، 5 ]
سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ڪوجهو ٿئمِ ڪَمالُ،
وَڃان ڪِيئَن وَطَنَ ڏي، ھِھَڙو وَٺِي حالُ،
جَي مُون ڏيِين جَمالُ، تَہ پَسان مُنھُن پَنوَھارَ جو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 6 ]
وَڃان ڪِيئَن وَطَنَ ڏي، ھِھَڙو وَٺِي حالُ،
جَي مُون ڏيِين جَمالُ، تَہ پَسان مُنھُن پَنوَھارَ جو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 6 ]
چِيري چِيري چَمُ، لُوڻُ لِڱَنِ لائِيين،
مُون ڪُرَ اَڳي نَہ ڪِئو، اِهَڙو ڪوجهو ڪَمُ،
جانۡ جانۡ دَعويٰ دَمُ، تانۡ تانۡ پِرتِ پَنوهارَ سين.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 4 ]
مُون ڪُرَ اَڳي نَہ ڪِئو، اِهَڙو ڪوجهو ڪَمُ،
جانۡ جانۡ دَعويٰ دَمُ، تانۡ تانۡ پِرتِ پَنوهارَ سين.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 4 ]
English Meaning
Ugly, dirty, inferior, mean, bad.