ڪاھِ جي سنڌي معنيٰ
ھڪل، ھلاءِ،
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Drive, push, through
ڪاھِ جا بيتن ۾ حوالا
مُٺِيَسِ جَهلِ مَھارَ، ڪُٺِيَسِ ڪاھِ مَ ڪَرَھو،
مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ،
ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ جو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 1 ]
مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ،
ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ جو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 1 ]
لَڪَ لاکِيڻُو ڪَرَھو، ڪوڙِيُون ڏيئِي ڪاھِ،
آھُرَ ۾ ايلاچِيُون، پوڄَ مَيي کي پاءِ،
ڪَٿَ نَہ ڪَندو ڪاءِ، پَلاڻِئو تَہ پِريِنءَ مِڙي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 59 ]
آھُرَ ۾ ايلاچِيُون، پوڄَ مَيي کي پاءِ،
ڪَٿَ نَہ ڪَندو ڪاءِ، پَلاڻِئو تَہ پِريِنءَ مِڙي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 59 ]
پَسِي ڏُونگَرَ ڏاھَ، جِمَ ھَلَڻَ ۾ ھيڻِي وَھين،
لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪاھِ،
پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي، بَلوچاڻِي باھِ،
اِنَ وَڙائِتي وَرَ جِي، آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ،
جَو اَکِينُون اوڏو آھِ، سو پِرِين پَراھُون مَ چَئُہ.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 1 ]

شَما واوَ شَموسَ، سِگهِي مِڙَندِينءَ سَسُئِي،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، گُئاخُ نَہ ڪِيڙُءِ گوَشِ،
رَوا مَروشِي روشُ، ڪاھِ تَہ ڪيچِيَنِ کي رَسين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 14 ]
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، گُئاخُ نَہ ڪِيڙُءِ گوَشِ،
رَوا مَروشِي روشُ، ڪاھِ تَہ ڪيچِيَنِ کي رَسين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 14 ]
تانۡ تانۡ ڪَرَھَلُ ڪاھِ، جانۡ جانۡ آھي سوجِهرو،
مَتان ٿِئي اُونداھِ، پيرُ نَہ لَھين پِرِينءَ جو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 18 ]
مَتان ٿِئي اُونداھِ، پيرُ نَہ لَھين پِرِينءَ جو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 18 ]
آکُون ڊاکُون سِرکَنڊَ شاخُون، جِتِ چوکا چَندَنَ کوڙَ،
مَيي سيئِي ماڻِئا، جِتِ نَہ ڀِرَنِ ڀَونرَ،
ڪُنوارِيُون ۽ ڪَونئُرَ، ڪاھِ تَہ پَسُون ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 18 ]
مَيي سيئِي ماڻِئا، جِتِ نَہ ڀِرَنِ ڀَونرَ،
ڪُنوارِيُون ۽ ڪَونئُرَ، ڪاھِ تَہ پَسُون ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 18 ]
ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ جُوانُ،
ڪاھِ تَہ لَنگهيئِي، ڪانُ، نانگَنِ ھَٿان نِينھَن جو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 21 ]
ڪاھِ تَہ لَنگهيئِي، ڪانُ، نانگَنِ ھَٿان نِينھَن جو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 21 ]
ڪاھِ مَيا ڪَرَھَلَ، ريلِ تَہ پَسُون راڻِيُون،
تاڻي وَڃِجِ تِتَھِينِ، جِتِ طَرَحَ موچارا تَرھَلَ،
اَسِين ماڻِيُون مُومَلَ، تُون نايو ناگِيلا چَرِين.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 2 ]
تاڻي وَڃِجِ تِتَھِينِ، جِتِ طَرَحَ موچارا تَرھَلَ،
اَسِين ماڻِيُون مُومَلَ، تُون نايو ناگِيلا چَرِين.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 2 ]
English Meaning
Drive, push, through