ڪاٽِ جي سنڌي معنيٰ
ڪٽ، ڪَپِ، وضع، تخفيف، لاٿ. وڍڪٽ. نتيجو، انومان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cut, deduction
ڪاٽِ جا بيتن ۾ حوالا
اَڳِئان اَڏِنِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباھِئا،
ڪاٽِ تَہ پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻ ڀانيَين گهَٽِ،
مَٿا مَھايَنِ جا، پِئا نَہ پَسيين پَٽِ،
ڪَلاڙَڪي ھَٽِ، ڪُسَڻَ جو ڪوپُ وَھي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 17 ]
ڪاٽِ تَہ پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻ ڀانيَين گهَٽِ،
مَٿا مَھايَنِ جا، پِئا نَہ پَسيين پَٽِ،
ڪَلاڙَڪي ھَٽِ، ڪُسَڻَ جو ڪوپُ وَھي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 17 ]
ڪينُون آکان ڪَونُ بَتاوي ھِي واٽَهَڙُو لوڪُ ڙي ماءُ،
اَپِني صاحِبِ دِي باتِ ڙي،
چارَڻُ آيا ڪاٽِ لي جايا کوءِ جاجِڪاڻي ذاتِ ڙي ماءُ.
[ سُر سورٺ، وايون، 5 ]
اَپِني صاحِبِ دِي باتِ ڙي،
چارَڻُ آيا ڪاٽِ لي جايا کوءِ جاجِڪاڻي ذاتِ ڙي ماءُ.
[ سُر سورٺ، وايون، 5 ]
English Meaning
Cut, deduction