کينَئِي جي سنڌي معنيٰ
کائينئي، جيڪر کائين، (ڪوھستاني لھجي جو لفظ کائڻ طور ڪتب اچي) کائني
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
May eat, consume, eat
کينَئِي جا بيتن ۾ حوالا
ھَلَندي ھوتَ پُنهونءَ ڏَي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِيُون،
پَھَڻُ تَنِي پَٽُ ٿِئو، جٖي لَئي لالَڻَ لوٺِيُون،
سَڀَ سھَيلِيُون سِڪَ کي، چُنجِهيُون ۽ چوٽِيُون،
ٻانڀَڻِ ٿِي ٻوٽِيُون، تَہ ڪُتا کينَئِي ڪيچَ جا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 1 ]
پَھَڻُ تَنِي پَٽُ ٿِئو، جٖي لَئي لالَڻَ لوٺِيُون،
سَڀَ سھَيلِيُون سِڪَ کي، چُنجِهيُون ۽ چوٽِيُون،
ٻانڀَڻِ ٿِي ٻوٽِيُون، تَہ ڪُتا کينَئِي ڪيچَ جا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 1 ]
ڪُتا کينَئِي ڪيچَ جا، سَندا جٖي پُنهونءَ،
اَگھِين ھُوندَ اَسُونھَن، جٖي جانارَنِ يادِ پَئين.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 2 ]
اَگھِين ھُوندَ اَسُونھَن، جٖي جانارَنِ يادِ پَئين.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 2 ]
English Meaning
May eat, consume, eat