ڏِھاڙِئو جي سنڌي معنيٰ
ھر ڏينھن، ھر روز، ڏينھن ۽ رات جو عرصي ۾، هڪ ڏينھن يوم، زور، وار، تِٿِ. زمانو، سَمون، وقت. اولياءَ جي ختمي جو ڏينھن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Daily; from day to day; constantly; regularly
ڏِھاڙِئو جا بيتن ۾ حوالا
سُورِيءَ تي سَئو وارَ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھين،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ،
پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 7 ]
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ،
پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 7 ]
کامان پَچان پَڄُراَن، سَڙان سارِي راتِ،
ٻَنِ ٻِيائِي ڪَري، ڪَرِ پِريان جِي تاتِ،
شِيخُون سَندِيُون سَڄَڻين، اُڀَريُون آڌِيءَ راتِ،
نَڪِي ھَٿِ نَہ ساٿِ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھان.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 15 ]