ڌِيءَ جي سنڌي معنيٰ
اولاد، نياڻي، ڇوڪري، دُختر. (دوھتر. ڌئتر، کير ڏُھڻ واري. اڳي مال مان کير ڏھڻ جو ڪم نياڻين تي رکيل ھوندو ھئو، انڪري ڏوھتر مان ھي لفظ نڪتو.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A daughter.
ڌِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
لَڪَ لَنگهِيائُون، وَڃِي ڏيرَ قَرارِئا ڏيھَ ۾،
تَنِ پِرِيَنِ کي اُڪَنڊِي آئُون، وَڃِي ڏِيرَ قَرارِئا ڏيھَ ۾،
چَڙِھِي ڏُونگَرَ چوٽِيين ٻانڀڻِ اُڇَلي ٻاھُون،
پاسي ھُيَسِ پَريَٽِ جي، ڏوٻِڻِ ڌِيءَ نَہ آئُون.
[ سُر ديسي، وايون، 8 ]
تَنِ پِرِيَنِ کي اُڪَنڊِي آئُون، وَڃِي ڏِيرَ قَرارِئا ڏيھَ ۾،
چَڙِھِي ڏُونگَرَ چوٽِيين ٻانڀڻِ اُڇَلي ٻاھُون،
پاسي ھُيَسِ پَريَٽِ جي، ڏوٻِڻِ ڌِيءَ نَہ آئُون.
[ سُر ديسي، وايون، 8 ]
پُٺا ڄَرَ ڄَرَ ڄَراٽِئا، مُنھَن کانيَنِ سِيءَ،
مُوھِنَ مَڱَنِ بِکِئا، نَہ ڪا لَڄَ نَہ لِيھَ،
بابُو بيکارِي ٿِئا، نَڪو پُٽُ نَہ ڌِيءَ،
پَسو جَلايا جِيءَ، ويراڳِيَنِ ويراڳَ سين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 23 ]
مُوھِنَ مَڱَنِ بِکِئا، نَہ ڪا لَڄَ نَہ لِيھَ،
بابُو بيکارِي ٿِئا، نَڪو پُٽُ نَہ ڌِيءَ،
پَسو جَلايا جِيءَ، ويراڳِيَنِ ويراڳَ سين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 23 ]
پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَئجِ حَقِيقَتَ هيءَ،
ڪَرَ نَہ لَڌانوَ ڪَڏِهِين، هُيَس ڌارِين ڌِيءَ،
اَمَڙِ کي تُون اِيءَ، ڳالِهہ سُڻائيجِ ڳُجَهہ ۾.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 4 ]
ڪَرَ نَہ لَڌانوَ ڪَڏِهِين، هُيَس ڌارِين ڌِيءَ،
اَمَڙِ کي تُون اِيءَ، ڳالِهہ سُڻائيجِ ڳُجَهہ ۾.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 4 ]
تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾ عَيبَنِ وِيھَ،
پَسِي مِيءَ ڪِي ڌِيءَ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 4 ]
پَسِي مِيءَ ڪِي ڌِيءَ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 4 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
daughter (n.)
Middle English doughter, from Old English dohtor "female child considered with reference to her parents," from Proto-Germanic *dokhter, earlier *dhut?r (source also of Old Saxon dohtar, Old Norse dóttir, Old Frisian and Dutch dochter, German Tochter, Gothic dauhtar), from PIE *dhugheter (source also of Sanskrit duhitar-, Avestan dugeda-, Armenian dustr, Old Church Slavonic dušti, Lithuanian dukt?, Greek thygater). The common Indo-European word, lost in Celtic and Latin (Latin filia "daughter" is fem. of filius "son").
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)
English Meaning
A daughter.