ڌَڪَنِ جي سنڌي معنيٰ
ڦھڪن، سَٽِڪن. ٺوڪرن، ٺينسن، چِپيٽَن، ٽَڪَرن. زخمن، ڦَٽن، رَهڙَن، گهائن. صدمن، نقصانن، ڇيھن، زيانن، تاوانن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Blows, strokes, hurts, wounds, bruises, shocks, strokes of misfortune, losses, damages.
ڌَڪَنِ جا بيتن ۾ حوالا
سِرُ سانڌاڻِ ڪَري، پُڇِجِ گهَرُ لُھارَ جو،
ڌَڪَنِ ھيٺِ ڌَري، مانَ گَڏينِئِي رُڪَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 20 ]
ڌَڪَنِ ھيٺِ ڌَري، مانَ گَڏينِئِي رُڪَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 20 ]
سَھي جِيئَن سانڌاڻِ، ڌَڪَنِ مَٿي ڌَڪَڙا،
وَھِ وِڃايو پاڻُ، ڏي ڏَوائُون ڏُڱِرين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 21 ]
وَھِ وِڃايو پاڻُ، ڏي ڏَوائُون ڏُڱِرين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 21 ]
پاڙِيچِيءَ روئِي، چاڪَ مُنھِنجا چورِئا،
پَگهَرُ وِجهَندِيَسِ پِرِينءَ جو، ڌَڪَنِ ۾ ڌوئِي،
ساجَنَ سَڀوئِي، ساھُ اَوِھان تان صَدقي.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 8 ]