ڌارِ جي سنڌي معنيٰ
رک، هٿ ڪر، قبضي ڪر. سنڀال، جهل، کڻ. سنڀال هيٺ رک، پرورش ڪر، پال، بناءِ، تات، سانڍ، هيراءِ. حفاظت ڪر، هلاءِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To have, keep, possess, to rear, support.
ڌارِ جا بيتن ۾ حوالا
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ پَرِ ڪَلمي جِي پارِ،
پَنجَنِ سين پُورو رَھُ، آيا ٽِيھَ مَ ٽارِ،
تَڏِھِين ڌاڳا ڌارِ، جَڏھِن راھَ سُڃاڻين رَبَ جِي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 13 ]
پَنجَنِ سين پُورو رَھُ، آيا ٽِيھَ مَ ٽارِ،
تَڏِھِين ڌاڳا ڌارِ، جَڏھِن راھَ سُڃاڻين رَبَ جِي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 13 ]
اَکِيُون سيئِي ڌارِ، جَنِ سين پَسِين پِرِينءَ کي،
ٻي ڏانھَن ڪِيمَ نِھارِ، گهَڻو رِيسارا سُپِرِين.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 28 ]
ٻي ڏانھَن ڪِيمَ نِھارِ، گهَڻو رِيسارا سُپِرِين.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 28 ]
اَکِ اُلِٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلِٽو عامَ سين،
لاھُئارو لوڪُ وَھي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ،
مَنجهان نُوچَ نِھارِ، ويھُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 29 ]
لاھُئارو لوڪُ وَھي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ،
مَنجهان نُوچَ نِھارِ، ويھُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 29 ]
English Meaning
To have, keep, possess, to rear, support.