چُئان جي سنڌي معنيٰ
چوان، ٻڌايان، سليان، آکيان، سڻايان، چئي ڏيکاريان، واکاڻيان
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Say, tell, inform, praise, utter, affirm
چُئان جا بيتن ۾ حوالا
ڪوڙِين ڪايائُون، تُنھِنجِيُون لِکَنِ لَکَ ھَزارَ،
جِيءُ سَڀَ ڪَنھِن جِيءَ سين، دَرسَنُ ڌارَوڌارَ،
پِريَمِ تُنھِنجا پارَ، ڪِھَڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 24 ]

آتَڻَ ۾ سَڀَ ويھِي، دُعا ڪَريجا جيڏِيُون،
ڪانِهي بَسِ بَھِيرَ کي، ھَلُ چَلُ وَڃي پيئِي،
راھَ مُسافِرُ سَڀَڪو، ڪو نَہ ڏِٺوسُون ھِتِ ڏيھِي،
سارِيندا صَلاتَ کي، قَبَرَ سَڀَ پيھِي،
ڪوٺائُون ڪَرِيمَ جو، ڳالِهہ پُڇَندومِ ڪيھِي،
اللهُ ھيڪُ مُحَّمَدُ بَرحَقُ، اِيءَ چُئان مانَ ايھِي،
نَوازِيندو نُورَ سين، ناقِصِ کي اُتِ نيئِي.
[ سُر سھڻي، وايون، 8 ]

اَدا ڙي ڏوٿِي پُڇان تو ٿِي، ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِيئَن،
ڪو ڏَسُ مُون ڏي،
نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومَرِي، نَہ آئُون جَتِ نَہ اوٺِي،
اُنِهين مَنجهان آھِيان، جٖي ٻانڀَڻَ پَڙَهنِ پوٿِي،
سَنجهي وِئَڙو سُپِرِين، ساجَنُ پُڇان سو ٿِي،
رويو چُئان رُڃنِ ۾، ھئَي ھئَي ھَٺَ ڪوھُ ٿِي،
ھَلِجِ ھوتَ پُنهونءَ ڏي، مَنجهان نِينھَن نِڪُو ٿِي،
آتَڻُ وِجِهي آڳِ ۾، مَنجهان جوئِنِ جوءِ ٿِي،
پَريٽِ ٿيِندِيَس پُنهون پُڇندِيَس، پَڇاڙيندِيَسِ پوتِي،
ھِتان ٿِي ھوتُ وِئو، جَتُ پُڇين جو ٿِي،
سَنجهي ساٿَ پَلاڻِئو، تو پَلاڻِئو پوءِ ٿِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 20 ]

ڏُونگَرَ ڏُکَ سَنداءِ، پِرِينءَ گَڏِجانِ نَہ چُئان،
ڀِنِيءَ ٿِيين ڀَوارَئُون، ٻِئا وِنگا وَرَ ڏِناءِ،
چَڱِي ڪانَہ ڪِياءِ، جِيئَن پيرُ وِڃايُئِي پِرِينءَ جو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 4 ]

ڪَري ڪانگَ ڪُرنِشُون، پيرين پِرِينءَ پَئيجِ،
آئُون جٖي ڏيِين سَنِيھَڙا، وِچِ مَ وِساريج،
لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڳُجهو ڳالَهائيجِ،
چُئان تِيئَن چَئيجِ، تَہ کِيانتا خُوشِ ھُئين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 1 ]

جَو ڏيھَ ڏاڏاڻِئان آيو، پيرين تَنھِن پُئان،
سانگاتُوءَ سَيِّدُ چئَي، سَندِيُون چِتَ چُئان،
ھِتي تان نَہ ھُئان، حَرَفَ لَٿي ھيڪَڙي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 3 ]