چَڙِهئا جي سنڌي معنيٰ
چڙهي ويا، سوار ٿيا، مٿي پھتا، ڳچيءَ پيا
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Climbed, to come forth
چَڙِهئا جا بيتن ۾ حوالا
آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن،
مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان سَيِّدَ سِينءَ،
وِئو وَڻِجارو اوھَرِي، مُون کي چاڙِھي چِيئَن،
گُوندَرَ مَٿان جِندَڙي، وَرِئا وَلِيُنِ جِيئَن،
اُڏوھِيءَ جِيئَن ڏُکَڙا، چَڙِهئا چوٽِيءَ سِينءَ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 5 ]

ڳالِهہ ڪِينَ وَڃي، سُپيرِيان جي سَڌَ جِي،
سُپيرِيان جي سُونھَن جِي،
پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون، پھرِين سِرُ سَڃي،
عاقِلَ ئِي اوڄُونِ ٿِئا، ڀورو ڪوھُ نَہ لَڄي،
وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي، سُورِيءَ سِرُ ھَڄي،
عاشِقَ اَنگهُنِ چَڙِهئا، ٻِئو سَڀَڪو ڀَڄي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 10 ]

دَنگِي مَنجِهہ دَرياھَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي،
ھُو جٖي واڍي واڻِئا، سُونھَڻَ سَڀَ سَڙِئا،
مُعلِمَ ماڳِ نَہ اڳِيين، فِرَنگِي مَنجِهہ ڦِرئا،
مَلاحَ تُنھِنجِيءَ مَڪُڙِيءَ، اَچِي چورَ چَڙِهئا،
جِتي ڍِينگَ ڍَرِئا، تِتي تارِي تُنھِنجِي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 14 ]

سَفَرُ سُکيرونِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين،
چَڙِهئا جو چِتِ ڪَري، پُنُو سُڪا ڄونِ،
تِئان مَ ڀاڳونِ، جِئان مُون ڏيئِي ھَلِئا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 16 ]
چَڙِهئا جو چِتِ ڪَري، پُنُو سُڪا ڄونِ،
تِئان مَ ڀاڳونِ، جِئان مُون ڏيئِي ھَلِئا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 16 ]
گِهڙِئا سي چَڙِهئا، اِيھِين اَٿيئِي،
مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، پَئُہ ٽَپو ڏيئِي،
ميھارُ مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 4 ]
مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، پَئُہ ٽَپو ڏيئِي،
ميھارُ مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 4 ]
گِهڙِئا سي چَڙِهئا، اِينهين ڄاڻِجِ ڄاڻُ،
مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، وِجُهہ پَلَٽي پاڻُ،
تَہ ساھَڙُ سيڻاھِہ ساڻُ، ساڻِي ٿِييئِي سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 5 ]
مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، وِجُهہ پَلَٽي پاڻُ،
تَہ ساھَڙُ سيڻاھِہ ساڻُ، ساڻِي ٿِييئِي سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 5 ]
چَنڊَ وِھاڻَيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا مِيرَ،
تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪِيرَ،
عَلِيءَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 11 ]
تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪِيرَ،
عَلِيءَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 11 ]
چَنڊَ وِھاڻِيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا گهوٽَ،
تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪوٽَ،
عَلِيءَ پُٽَ اَموٽَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 12 ]
تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪوٽَ،
عَلِيءَ پُٽَ اَموٽَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 12 ]
چَنڊَ وِھاڻِيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا ڄامَ،
اُنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَروُن، نيزا ۽ نِيشان،
عَلِيءَ پُٽَ اِمامَ، ڪَندا راڙو رُڪ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 13 ]
اُنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَروُن، نيزا ۽ نِيشان،
عَلِيءَ پُٽَ اِمامَ، ڪَندا راڙو رُڪ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 13 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڪَرَھَلَ قَطاري،
چَڙِهئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، توڏا تَنواري،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ لَئي، رويو جَرُ ھاري،
اَدِيُون اوتاري راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 11 ]
چَڙِهئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، توڏا تَنواري،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ لَئي، رويو جَرُ ھاري،
اَدِيُون اوتاري راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 11 ]
English Meaning
Climbed, to come forth