چَئِين جي سنڌي معنيٰ
چوين پيو، ٻڌائين پيو، سڻائين ٿو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Telling
چَئِين جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جانۡ ٿو چَئِين اِيئَن،
تانۡ مَڃُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
تان تُون وَڃِئو ڪِيئَن، نائِين سِرُ ٻِئَنِ کي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 2 ]
تانۡ مَڃُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
تان تُون وَڃِئو ڪِيئَن، نائِين سِرُ ٻِئَنِ کي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 2 ]
ڌُوڌا تُون نَہ ڌَئِين، آڳِ اوڏو ئِي نَہ وَڃين،
اُلا جي عِشقَ جا، سي تان تُون نَہ سَھِين،
اَڃا ٿو چَئِين، تَہ آڳَڙِيو آھِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 14 ]
اُلا جي عِشقَ جا، سي تان تُون نَہ سَھِين،
اَڃا ٿو چَئِين، تَہ آڳَڙِيو آھِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 14 ]
جَو تَرَڪُ طَمَعَ کي ڪَري، سو ڪِي مُون سُڻاءِ،
جيڪِي چَئِين جِيءَ مان، سوڳورَ مَنجهان ڳالَهاءِ،
مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ، جو وِچان ويرِيَنِ آيو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 12 ]
جيڪِي چَئِين جِيءَ مان، سوڳورَ مَنجهان ڳالَهاءِ،
مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ، جو وِچان ويرِيَنِ آيو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 12 ]
ڍولا ڪُڄاڙِئا، ٻُولايو ٻوڏُ چَئِين،
آئُون تو پيراندِيان، ڪَرَ موڙِئو وَرَ اُٿِيان.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 34 ]
آئُون تو پيراندِيان، ڪَرَ موڙِئو وَرَ اُٿِيان.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 34 ]
کَٿورِي چَئِين پَلَئين، توءِ ڏُھاڳِڻِ ھوءِ،
تَہ پُڻ سُھاڳڻِ اَڳِري، توڻي مُنھُن نَہ ڌوءِ.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 14 ]
تَہ پُڻ سُھاڳڻِ اَڳِري، توڻي مُنھُن نَہ ڌوءِ.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 14 ]
جيڪي چَئِين ٿِي ھيرَ، تَنھِنجِي اَٺِين پَتِي جي اَڳُ چَيَئِي،
تَہ خُونَ سَڀَيئِي بَخشِيانءِ، مَنَ ۾ آڻي مَهيرَ،
جِھَڙا کَنيَئِي پيرَ، تِھَڙا موٽِي آيَئِي مُنھَن ۾.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 11 ]
تَہ خُونَ سَڀَيئِي بَخشِيانءِ، مَنَ ۾ آڻي مَهيرَ،
جِھَڙا کَنيَئِي پيرَ، تِھَڙا موٽِي آيَئِي مُنھَن ۾.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 11 ]
ڏِسَڻُ ڏِسين جَي، تَہ ھَمَه کي حَقُ چَئِين،
شارِڪَ شَڪُ مَ ني، اَنڌا اِنَهِينءَ ڳالِهہ ۾.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 16 ]
شارِڪَ شَڪُ مَ ني، اَنڌا اِنَهِينءَ ڳالِهہ ۾.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 16 ]
English Meaning
Telling