ڀالا جي سنڌي معنيٰ
ڏڦا، نيزا. وڏا سيلهہ، ٻٻر جا ڪنڊا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Spears, lances.
ڀالا جا بيتن ۾ حوالا
سُورِھَہ مَرين سوڀَ کي دِلِ جا وَھمَ وِسارِ،
ھَڻُ ڀالا پَئُہ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،
مَ ٿيڪِ تَرارِ، مارِ تَہ مَتارو ٿِئين.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 3 ]
ھَڻُ ڀالا پَئُہ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،
مَ ٿيڪِ تَرارِ، مارِ تَہ مَتارو ٿِئين.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 3 ]
ڀَؤُنرَ اَکِيُون ڀالا، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ جا،
يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن سان ساھُ سُڌِيرُ ٿِئي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 8 ]
يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن سان ساھُ سُڌِيرُ ٿِئي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 8 ]
نيڻَ صَقِيلَ سُپِرِين، ڀَؤُنرَ ڀِرُونِ ڀالا،
چِڪَئَمِ چاڪَ پِرِيَنِ جا، اَندَرِ ۾ آلا،
يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن جِيءَ صُحبَتَ ڪاڻِ سِڪي ھِنيُون.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 9 ]
چِڪَئَمِ چاڪَ پِرِيَنِ جا، اَندَرِ ۾ آلا،
يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن جِيءَ صُحبَتَ ڪاڻِ سِڪي ھِنيُون.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 9 ]
English Meaning
Spears, lances.