پُورِيندِيَسِ جي سنڌي معنيٰ
ويندِيَس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Will go.
پُورِيندِيَسِ جا بيتن ۾ حوالا
ويندِي آئُون پِرِيَنِ وَٽِ، مُون وِھُ وَڻِجارَنِ سين،
وايُون وَڻِجارَنِ جُون، اَدِيُون اَڄُ نَہ ھَٽِ،
ڏيئِي سِڙُه سِيرَ ٿِئا، پيرُ نَہ لايائُون پَٽِ،
پَڳَھُ کَڻُ مَ پاتِڻِي، جانِي مُون وَٽِ جَٽِ،
ڳَرَھِيان سُورُ سَفَرَ جو، ھَلِي پَنھِنجي ھَٽِ،
پُورِيندِيَسِ پِرِينءَ ڏي، ڪا نَہ ڪنديِسَ گَهٽِ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 8 ]

ڪَچو تَہ ڪوھُ، پَڪو نَظَرُ پِرِينءَ جو،
ساھَڙُ مُنھِنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئِي ڏوھُ،
جَي ڇَٽو جَي ڇوھُ، تَہ پُورِيندِيَسِ پارُ مَڻي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 12 ]

مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾،
اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ،
ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون آھِيان اَوِھان ڌارَ،
ٻِڇَلِ ٻانڌِي ٻارِ ڪَري اُتِ اُبَتا آرَ،
تَنھِن ۾ گِهڙِي سُهڻِي آڳَھَ ريءَ آڌارَ،
ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، توڏِيءَ ڪِي تَنوارَ،
سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين، سِگهو رَسُ سَنگهارَ،
اوراڙان آھُون ڪَري، پَھچان شالَ پَراڙَ،
سُڻِئو جهانءِ جِهڄي ھِنيُون، سانڀارا سَنڀارَ،
آيَمِ ريلي ريءَ سين، اَلا تو اَھارَ،
تارِ تَرَندِيَسِ پِرِين پَسَندِيَسِ، ويندِيَسِ وَٽِ وَڇارَ،
پُورِيندِيَسِ پارَ مَڻِي، سَھِسين جَي سيسارَ،
گولِي گهاگهائي، جَکَنِ ٿا جانارَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 17 ]

ھِيڪَلِيائِي ھاڻِ پُورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي،
ليڙَنِ سين لَطِيفُ چئَي، پُوندِيَسِ پَنڌِ پَرياڻِ،
رُلِي ڇُلِي ڇَپَرين، ڪَنھِن پَرِ لاھِيان ڪاڻِ،
ڪَندِيَسِ ڪوھِيارَلِ سين، رُچِي رُوحَ رِھاڻِ،
آھِيان گهَڻو اَڄاڻِ، پَرَ سُورَ پِريان جا ساڻُ مُون.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 13 ]

ھيڪَلِيائِي ھيلَ، پُورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي،
آڏا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، سُورِيُون سُڄَنِ سيلَهہ،
تَہ ڪَرَ ٻِيلِيَنِ ٻِيلَهہ، جٖي سُورَ پِريان جا ساڻُ مُون.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 14 ]