پَھِيڙا جي سنڌي معنيٰ
پانڌيئڙا، پانڌي، مسافر، راھگير، لنگهندڙ. (اصل لفظ پھو: پيچرو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Travellers, passengers, passers by, roamers.
پَھِيڙا جا بيتن ۾ حوالا
ھُوندو ھَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو،
پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ،
ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 9 ]
پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ،
ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 9 ]
ھَلِي ھاڙِھي سامُھين، پُڻ وِھاڻِيَسِ راتِ،
پِريان جا پِرِڀاتِ، اُڀِي پُڇي پَھِيڙا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 24 ]
پِريان جا پِرِڀاتِ، اُڀِي پُڇي پَھِيڙا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 24 ]
مَدِيني جا مِيرَ، سُڻُ سَندا مُون سَڏَڙا،
جٖي سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سِيرَ، سي پارِ لَنگهاءِ پَھِيڙا.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 11 ]
جٖي سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سِيرَ، سي پارِ لَنگهاءِ پَھِيڙا.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 11 ]
مَدِيني جا گهوٽَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا،
اَجهي تُنھِنجي اوٽَ، پارِ لنگهائِيين پَھِيڙا.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 13 ]
اَجهي تُنھِنجي اوٽَ، پارِ لنگهائِيين پَھِيڙا.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 13 ]
وَنِھيَنِ سَنگهارَنِ جِي، سُونھارِي سانجاڻَ،
پوءِ ٿا پِيَنِ پاڻَ، پھرِين پِيارِينِ پَھِيڙا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 21 ]
پوءِ ٿا پِيَنِ پاڻَ، پھرِين پِيارِينِ پَھِيڙا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 21 ]
جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو! عُمَرَ او اِيندو،
پُڇان ڪوءِ عُمَرَ مِيان ويندو پُڇان لوءِ،
پَنڌان کارِئو پَھِيڙا، ڪِي جو اُڀَڙِي چوءِ،
مَٿي ماڙِيءَ مارُئِي، رُئاڙي ۽ روءِ،
راڄُ پَرَتو رَبَ کي، سُومَرا سَندوءِ،
مِلڪَ مارُوءَ جِي آھِيان، جورِ نَہ ٿِيان جوءِ،
سَھڄُ سُورِي ڀانيان، سُومَرا سَندوءِ،
ڪَڏِھِين سَئِيسُون ڪانَہ ڪا، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
پانڌِي پَنوَھارَنِ جو، ڪالَهہ نَہ آيو ڪوءِ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، رُوحُ مُنھِنجو روءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 8 ]

دُڪو دارُونءَ ھيڪِڙو، جَي وِڪامي نِيلَ،
سَمُو ڄامُ سَبِيلَ، ٿو پُوڄُ پِياري پَھِيڙا،
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 26 ]
سَمُو ڄامُ سَبِيلَ، ٿو پُوڄُ پِياري پَھِيڙا،
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 26 ]
مَنڌِيءَ مَٽَ گُڙَنِ، جهوڪُنِ سُونھَنِ پَھِيڙا،
سَندِي سَنگهارَنِ، جُوءِ جِياري جَڏڙا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 13 ]
سَندِي سَنگهارَنِ، جُوءِ جِياري جَڏڙا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 13 ]
English Meaning
Travellers, passengers, passers by, roamers.