پَچِي جي سنڌي معنيٰ
سَڙي، ٻَري، کامي، جَلي. باھ تي پڪي پچي. رڌجي. ترجي. سيڪجي. ڪڙهي، رَجهي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cooked, ripen, come to a head a sore, fester. To digest, be digested. To be envious. To be embezzled.
پَچِي جا بيتن ۾ حوالا
کاڻا کُوري وِچَ ۾، وِئا پَتَنگَ سَڀَ پَچِي،
اُنِهين وَٽِ آتِش جي، سَڀَڪا سُڌِ سَچِي،
موٽِئو ڪونَہ بَچِي، کامِي مِڙيئِي خاڪِ ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 7 ]

چانگي چَئِي چُڪِياسِ، مَٿان اَڪَ نَہ اُلَهي،
جَنھِن وَلَ گَهڻا وِھاٽِئا، اُنَ سين آرِ لَڳِياسِ،
چَوڌارِي چَندَنَ وَڻَ، پَچِي پوڄ پِياسِ،
رُئاڙي رَتُ ڪِياسِ، اِنَ ڪُڌا توري ڪَرَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 44 ]

اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، سَڌَرَ ھُئِي سَچِي،
سُپَڪُ ٿِي سَيِّدُ چئَي، پَھَڻَنِ مَنجِهہ پَچِي،
مَعذُورِ تي مارو ڪِئو، اولاڪَنِ اَچي،
مَٿي راھَ رَچِي، ٿِي لالَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 7 ]

اولاڪَنِ اَچي، مَعذُورِ کي مارو ڪِئو،
وِساريج مَ وَرَ کي، مَنجهان ڪُڙِه ڪَچِي،
لاھي لاڳاپا لَنگِهہ تُون، سيڻَنِ ڏُونھِن سَچِي،
سُپَڪَ ٿِي سُورَنِ سين، پَھچَندِينءَ پَچِي،
مَنجهان راھَ رَچِي، ٿِينديِنءَ لالَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 8 ]

ڪالهوڪو ڪاڏي گَيو، سَندو جوڳِيَنِ جوشُ،
پَچِي تَنھِن پَنٿَ کي، ھَڏِ نَہ رَھِئو ھوشُ،
آسَڻَ ۾ افسوسُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 31 ]

ٻاوِيھين ٻاڻُ لَڳو، آديسِيَنِ اَچِي،
ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، مَنجهان مَچَ مَچِي،
لانگوٽِئا لالُ ٿِئا، اِنَهِينءَ پَهِہ پَچِي،
ھَلِئا وِئا ھِنگِلاچَ ڏي، راوَلَ راتِ رَچِي،
ڪَرِئو ساکَ سَچِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 22 ]

زييَئُون زاھِدَ زُھِدَ سين، پُختا ٿِئا پَچِي،
ڪَڍِي ڇَڏِيائُون ڪُڙِه مان، ڪوجِهي ڳالِهہ ڪَچِي،
اُبَٺِئا عِبادَتَ ۾، مانجِهي مَرِدَ مَچِي،
وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْاِنْسَ اِلَّا لِيَعْبُدُوْنِ ، سُڻِئو سُڌِ سَچِي،
اُڪنڊَ ساڻُ اَچِي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 11 ]

ڍَٽين پَٽين ڍيرَ، مَھِيَرَ مارُوئَڙَنِ جا،
پائُرُ سَڀَ پَچِي پِئو، گهَرِ گهارِيندِي ڪيرَ،
جَنِ ھيڪاندِيءَ ھيرَ، تَنِ ڦوڙائو مَ ڏيِين
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 16 ]

پاڻِهين پَچِي پييُون، ريءَ واھِيَتَ ريءَ واڙِ،
جُوءِ ڪُشادِي جيڏِيين، مَلِيرُ موڪَ مُھاڙِ،
اُتِ اَباڻا جَنھِن جا، سا ماڙِيءَ مُورِ مَ چاڙِه،
جٖي اُڪَڊِيُون آراڙِ، لوھَ تَنِي کي لاھِيين.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 12 ]

پَرِ ۾ پَچِي پِرِينءَ کي، مَرِي نَہ ڄاتوءِ،
”مُوْتُوْا“ مُنڌَ نَہ سُئو، ڪَنڌُ ڪُڄاڙِئان ڪاٽِيين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 12 ]