پَٽِيُون جي سنڌي معنيٰ
ڪپڙي جون ريڙون، لِيڙون. زخم کي ٻَڌڻ لاءِ ڪپڙي جا ڊگها ۽ ٿورا ويڪرا ٽُڪر. پَني، فَتيلَ. ڦرها، تختا. پانڪَ جنھن تي زريءَ جو ڪم هجي. زريءَ جون ڏوريون. ڪارائيءَ ۾ ڪم آيل لوھ جا ڦَر .
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Bandage, bandaging after dressing
پَٽِيُون جا بيتن ۾ حوالا
ڪانارِئا ڪُڻِڪَن، جَنِي لوھُ لِڱَنِ ۾،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ،
پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ،
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رَھِي اَچِجي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 12 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ،
پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ،
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رَھِي اَچِجي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 12 ]
رَھِي اَچِجي راتِڙِي، تَنِ واڍوڙِيَنِ وَٽاءَ،
جَنِ کي سُورُ سَرِيرَ ۾، گَهٽَ مَنجهان را گهاءَ،
لِڪائَي لَوڪاءَ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 13 ]
جَنِ کي سُورُ سَرِيرَ ۾، گَهٽَ مَنجهان را گهاءَ،
لِڪائَي لَوڪاءَ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 13 ]
پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين ڌَڪَ ڌُئَن،
ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِي ڪالَهہ مَرَنِ،
ڪَنھِن کي ڪِينَ چَوَنِ، تَہ دَردُ اَسان جي دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 14 ]
ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِي ڪالَهہ مَرَنِ،
ڪَنھِن کي ڪِينَ چَوَنِ، تَہ دَردُ اَسان جي دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 14 ]
واڍوڙِڪِيءَ مَنَھِينءَ، اَڄُ پُڻ ڪَنجهو ڪَنجَهہ،
جَي پُڻ پَييَنِ سَنجَهہ، تَہ ھُو پِنِيُون ھُو پَٽِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 15 ]
جَي پُڻ پَييَنِ سَنجَهہ، تَہ ھُو پِنِيُون ھُو پَٽِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 15 ]
وَڍي جَنِ وِڌِياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِئا،
تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ،
ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 16 ]
تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ،
ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 16 ]
مَيا مَڃُ مِنَٿَ، اَڄُ مُنھِنجِي ڪَرَھا،
جهاڳِيندي جَرَ پَٽِيُون، مَتان ڪَرِيين ڪَٿَ،
سُپيرِيان جي سَٿَ، مُون کي نيئِي ميڙِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 6 ]
جهاڳِيندي جَرَ پَٽِيُون، مَتان ڪَرِيين ڪَٿَ،
سُپيرِيان جي سَٿَ، مُون کي نيئِي ميڙِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 6 ]
ھِڪُ پاھَڻُ، ٻِيُون پَٽِيُون، ٽِئا جَبَلَ اُتِ جاڏا،
اَڳِئان اَڻَ سُونھِن کي، تَنگَ پُڇَنِ تاڏا،
جي مُٺِيءَ مُنھَن آڏا، سي ٽارِجِ لَڪَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 16 ]
اَڳِئان اَڻَ سُونھِن کي، تَنگَ پُڇَنِ تاڏا،
جي مُٺِيءَ مُنھَن آڏا، سي ٽارِجِ لَڪَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 16 ]
ڏُونگَرِ ڏِيِئَٽِيُون، صُبُوحِ ٻَرِيُون سُڃَ ۾،
وَسائي وَرِي آيا، سَندِيُون پَٻَ پَٽِيُون،
جي گُهَمنِ حَقَ گَهٽِيُون، تَنِ ڏسِڻُ ٿِئو ڏوٿِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 16 ]
وَسائي وَرِي آيا، سَندِيُون پَٻَ پَٽِيُون،
جي گُهَمنِ حَقَ گَهٽِيُون، تَنِ ڏسِڻُ ٿِئو ڏوٿِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 16 ]
English Meaning
Bandage, bandaging after dressing