پاراتو جي سنڌي معنيٰ
پِٽَ، سراپ، بد دعا، پِٽڻو، ڪانِي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A curse, anathema.
پاراتو جا بيتن ۾ حوالا
پيرين پِئا پُرڪَڻا، رَھَ ۾ گهَڻو رُنومِ،
پاراتو پِرِينءَ کي، تَپِي تان نَہ ڏِنومِ،
چُڪِي ٿِي چِيومِ، سُواھيرو سين سَڄَڻين.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 19 ]
پاراتو پِرِينءَ کي، تَپِي تان نَہ ڏِنومِ،
چُڪِي ٿِي چِيومِ، سُواھيرو سين سَڄَڻين.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 19 ]
سَرَتِيُون سُڄي سُڃَ، مَتان ڪا مُون سين ھَلي،
پاڻِي ناھي پَنڌُ گهَڻو، اَڳِئان رائو رُڳي رُڃَ،
مَتان مَرِي اُڃَ، ڪا ڏي پاراتو پِرِين کي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 15 ]
پاڻِي ناھي پَنڌُ گهَڻو، اَڳِئان رائو رُڳي رُڃَ،
مَتان مَرِي اُڃَ، ڪا ڏي پاراتو پِرِين کي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 15 ]
وِئا تَہ ڄاڻانِ، آئُون نَہ چَوَندي گهورِئا،
پاراتو ڪيڻانِ، مُون سُڻَندي مَ ڏِيو.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 21 ]
پاراتو ڪيڻانِ، مُون سُڻَندي مَ ڏِيو.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 21 ]
English Meaning
A curse, anathema.