ٻِيڙو جي سنڌي معنيٰ
ٻانھن ۾ ٻڌڻ جو رنگين سڳڙو يا ڏورو جنھن ۾ ڳنڍ ٻڌل هوندي آهي، ۽ مڱڻي جي رات ٻڌبو آهي، ڳانو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A silky thread. Auspicious thread on wrist of the Sindhi bride during the thread ceremony.
ٻِيڙو جا بيتن ۾ حوالا
مَرَڪي مُھاڻِي، جَهرَڪي جيڏِيُنِ وِچَ ۾،
جِيئَن سَڳو مَنجِهہ سُرِندڙي، تِيئَن راڻِنِ ۾ راڻِي،
سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻڌُسِ ٻانھَن ۾.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 12 ]
جِيئَن سَڳو مَنجِهہ سُرِندڙي، تِيئَن راڻِنِ ۾ راڻِي،
سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻڌُسِ ٻانھَن ۾.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 12 ]
ھَٿين پيرين آرَکين، مُنھِن نَہ مُھاڻِي،
اَصلِ ھُئِي اُنَ کي، اَھلَ ڄاماڻِي،
سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ بانھَن ۾.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 13 ]
اَصلِ ھُئِي اُنَ کي، اَھلَ ڄاماڻِي،
سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ بانھَن ۾.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 13 ]
ٻِيڙو پُوئِي بانھَن ۾، ٻِي نَہ ٻَڌي ڪا،
توڏَرُ تَنھِن جُڳاءِ، سَمُو سِڪي جَنھِن کي.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 14 ]
توڏَرُ تَنھِن جُڳاءِ، سَمُو سِڪي جَنھِن کي.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 14 ]
English Meaning
A silky thread. Auspicious thread on wrist of the Sindhi bride during the thread ceremony.