ٻَڌِي جي سنڌي معنيٰ
سوگهي ڪئي، جڪڙي. ويڙهي. ڳنڍ ڏني. ڳنڍي. سُڪَ ڪئي، مضبوط ڪئي، قابو ڪئي. جهلي، پڪڙي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Have tied, tied, fastened.
ٻَڌِي جا بيتن ۾ حوالا
گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، چيلِهہ ٻَڌِي چوتو،
مُنھِنجو مَنُ ميھارَ کي، پارِ وَڃِي پَھتو،
گهوتي ۾ گهوتو، اَچي ڪو مَ اَڄاڻِ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 15 ]
مُنھِنجو مَنُ ميھارَ کي، پارِ وَڃِي پَھتو،
گهوتي ۾ گهوتو، اَچي ڪو مَ اَڄاڻِ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 15 ]
ٻَڌِي سُورَنِ سَندِرو، صُبُوحِ ڏُونگَرِ ڏورِئامِ،
ڪَندي ڪَشالا ڪيچَ ڏي، ويلا وِچِ پِئامِ،
سَوين ساٿَ گَڏِئامِ، پُنهونءَ پارُ نَہ ھِڪِڙو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 17 ]
ڪَندي ڪَشالا ڪيچَ ڏي، ويلا وِچِ پِئامِ،
سَوين ساٿَ گَڏِئامِ، پُنهونءَ پارُ نَہ ھِڪِڙو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 17 ]
اَڃا پَنڌُ اَڳي ٿِئو، مُڙِئو سِڄُ مَٿان،
ڏَڍُ مُنھِنجي ڏِيلَ جو، وِئو ھوتُ ھَٿان،
ٻَڌِي ٻاروچو وِئو، جَمَعُ جانِ جَتا،
ڪارَڻِ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، ڪِيَمِ ڪانَہ ڪَٿا،
مُون کي نِينِ نَٿا، پِرِين مُلِڪِ پانھِنجي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 25 ]
ڏَڍُ مُنھِنجي ڏِيلَ جو، وِئو ھوتُ ھَٿان،
ٻَڌِي ٻاروچو وِئو، جَمَعُ جانِ جَتا،
ڪارَڻِ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، ڪِيَمِ ڪانَہ ڪَٿا،
مُون کي نِينِ نَٿا، پِرِين مُلِڪِ پانھِنجي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 25 ]
جيڪُسِ آئُون نَہ تِيئَن، جِيئَن پِرِيتَڻُو پِرِيَنِ سين،
سُتِيَسِ ٻَڌِي سوگهو ڪَري ڇَلِوَرُ ڇاتِيء سِينءَ،
ڪيچِي ڪاھي ڪَرَھا، مُونهان وَڃَنِ ڪِيئَن،
ڏوھُ مُنھِنجي ڏِينھَن، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 12 ]
سُتِيَسِ ٻَڌِي سوگهو ڪَري ڇَلِوَرُ ڇاتِيء سِينءَ،
ڪيچِي ڪاھي ڪَرَھا، مُونهان وَڃَنِ ڪِيئَن،
ڏوھُ مُنھِنجي ڏِينھَن، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 12 ]
نَڪو ڏوھُ ڏيرَنِ جو نَڪو پُنهون پَنگُ،
ايرادي اللهَ جي، اَڳُ وَھايو اَنگُ،
تيلاھِين ٻَڌِي تَنگُ، ڇُلي پيٺِيَسِ ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 15 ]
ايرادي اللهَ جي، اَڳُ وَھايو اَنگُ،
تيلاھِين ٻَڌِي تَنگُ، ڇُلي پيٺِيَسِ ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 15 ]
وَرُ لَڪَنِ جِي لوڏَ، گهورِيا سُکَ ڀَنڀورَ جا،
جي تُون اَمَڙِ آڇِيين، سي مُون ڪَمِ نَہ اَچَنِ ڪوڏَ،
ھِنيَين مُنھِنجي ھوڏَ، ٻَڌِي ٻاروچَنِ سين.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 14 ]
جي تُون اَمَڙِ آڇِيين، سي مُون ڪَمِ نَہ اَچَنِ ڪوڏَ،
ھِنيَين مُنھِنجي ھوڏَ، ٻَڌِي ٻاروچَنِ سين.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 14 ]
قَدُ ٻَڌِي تُون ڪِينَ، پَھچَندِينءَ پُنهونءَ سين،
جٖي سِينو ساھِين سَسُئِي، ٿِينِ تَھِوارون تِينَ،
مُٺِي ٿِيءُ مِسڪِينَ، حُجَتَ ھوتُ وِڃايو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 19 ]
جٖي سِينو ساھِين سَسُئِي، ٿِينِ تَھِوارون تِينَ،
مُٺِي ٿِيءُ مِسڪِينَ، حُجَتَ ھوتُ وِڃايو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 19 ]
ڪَنِي ڪَنِي ماڻُهِين، گُوندَرُ وَڏِي وَٿُ،
ٻَڌِي گوڏِ گَرَٿُ، ساٽو ڪِجي سُورَ جو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 9 ]
ٻَڌِي گوڏِ گَرَٿُ، ساٽو ڪِجي سُورَ جو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 9 ]
ھَٿَ ٻَڌِي ٻيئِي، پيرين پانڌِيَنِ کي پَوي،
سَگهي نَہ ڏيئِي، سُڏِڪَنِ کان سَنِيھو.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 35 ]
سَگهي نَہ ڏيئِي، سُڏِڪَنِ کان سَنِيھو.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 35 ]
ھيرائِي ھَٿِ ڪِئو، ھِينئَڙو حَبِيبَنِ،
ٻَڌِي ڪَچِيءَ تَندُ ۾، سَلاڙِئو سيڻَنِ،
جُوڌا پيچَ پِرِيَنِ، تَہ ھِينئَڙو ھَٿِيڪو ٿِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 5 ]
ٻَڌِي ڪَچِيءَ تَندُ ۾، سَلاڙِئو سيڻَنِ،
جُوڌا پيچَ پِرِيَنِ، تَہ ھِينئَڙو ھَٿِيڪو ٿِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 5 ]
English Meaning
Have tied, tied, fastened.