ٻَڌَڻَ جي سنڌي معنيٰ
سوگهو ڪرڻ، جڪڙڻ. ويڙهڻ. ڳنڍ ڏيڻ. ڳنڍڻ نوڙي، وغيرہ. سُڪَ ڪرڻ، مضبوط ڪرڻ، قابو ڪرڻ. جهلڻ، پڪڙڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Binding, tying ups, fastening.
ٻَڌَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي، پِرِتان پِيتائِين،
تُرَھي سَندِي تارِ ۾، رِٿَ نَہ رَکِيائِين،
ٻَنڌَڻَ جٖي ٻَڌَڻَ جا، سَڀَ ڇِڪِيءَ ڇِنائِين،
دَرياھُ سَڄو دَمَ ۾، لَنئُن سين لَنگهِيائِين،
پِرِتان پيتائِين، مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 21 ]