ٻَنڌَڻُ جي سنڌي معنيٰ
مقرر ڪم جنھن جي ڪرڻ لاءِ ماڻهو ٻڌل هجي، فرض. پَڪو پھ. قاعدو، قانون. تنجڻو، ٻاروتو. پيوند، پيچ، ڳانڍاپو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Bond, a promise of anything.
ٻَنڌَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پَٽِنِ وَڏو پَنڌُ،
ھَلَندي حَبِيبَنِ ڏي، ڪَرَھا موڙِ مَ ڪَنڌُ،
ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَڌُ، جَو پَھچائي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 4 ]
ھَلَندي حَبِيبَنِ ڏي، ڪَرَھا موڙِ مَ ڪَنڌُ،
ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَڌُ، جَو پَھچائي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 4 ]
ڍَرَنِ تِتِ ٻَرَنِ، ڪوڙيِين قَندِيلَنِ جُون،
رَھَنِ ڪَٽي ڪَنڌِيين، بوتا مَنجِهہ بَرَنِ،
وَڻَ ٽِڻَ ڦُلَنِ ڇانيا، چانگا جِتِ چَرَنِ،
وَڃِي مانَ وَرَنِ، ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ جَنِ سين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 18 ]
رَھَنِ ڪَٽي ڪَنڌِيين، بوتا مَنجِهہ بَرَنِ،
وَڻَ ٽِڻَ ڦُلَنِ ڇانيا، چانگا جِتِ چَرَنِ،
وَڃِي مانَ وَرَنِ، ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ جَنِ سين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 18 ]
ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ جَنِ سان، اللهَ سيئِي آڻِ،
پِييَمِ جا پِرِيَنِ سين ، سا ڪَنھِن پَرِ لاھِيان ڪاڻِ،
آھِيان گهَڻو اَڄاڻِ، موٽُ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 19 ]
پِييَمِ جا پِرِيَنِ سين ، سا ڪَنھِن پَرِ لاھِيان ڪاڻِ،
آھِيان گهَڻو اَڄاڻِ، موٽُ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 19 ]
English Meaning
Bond, a promise of anything.