وَڏِيءَ جي سنڌي معنيٰ
سڀ کان مٿاھينءَ، مٿي، بالغ. پڪيءَ، پختيءَ، مھا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Big, large, tall, huge, superior, senior, elder, grand, adult.
وَڏِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
موکِيءَ مَتارا، وَڏِيءَ ساجُهرِ سارِئا،
پِيَڻَ جٖي وارا، اَڄُ نَہ آيا ڳَڃِڙي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 13 ]

موٽِي مانڊاڻَنِ جي، ڀَري ڪِئائِين ڀَرَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪِوڏاَن کَڻي ڪَرَ،
مينھِيُون پاڻَمُرادِيُون، ٿَڌا چَرَنِ ٿَرَ،
وَڏِيءَ ويلَ آيُون، پُٺِيءَ لائي ڦَرَ،
ساڙِھي اَچَنِ سامُهِيُون، ڏِينِ کِيرَ سُٻَرَ،
ساڻُ وانڊِنِ وَرَ، پِرِين پَرَچَنِ ڪَڏِھِين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 2 ]

حُڪُمُ ٿِئو حَڪِيمَ جو، ٿا سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٽاٽا مِينھَن ٽِمَنِ،
جَنِ مَھِنگو ميڙِئو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ،
پَنجَنِ مان پَنِرَھِ ٿِئا، اِيئَن ٿا وَرَقَ وَرَنِ،
ڏُڪارِيا ڏيھَنِ ۾، مُوذِي سَڀَ مَرَنِ،
مينھِيُون پاڻَمُرادِيُون، ٿَڌا ٿَرَ چَرَنِ،
وَرِي وَڏِيءَ وَسَ جُون، ڪي ڳالِهيُون ڳائِجَنِ،
سَيِّدُ چئَي سَڀَن، آھي تُنھِنجو آسِرو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 5 ]

اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ
چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ،
پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن اُلَھِي ڪَئِي اَويرَ،
ڇَھُون ويرِي چَنڊُ ٿِئو، جَو کِڙِئو نَہ وَڏِيءَ ويرَ،
سَتُون ويرِي ڇَپَرُ ٿِئو، جَنھِن سَنوان ڪِئا نَہ سيرَ،
واھيري جِي ويرَ، ٿِي ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 7 ]

وَڏِيءَ سَٽِ سُورَنِ جي، ڏاڍو ڏورِيائِين،
تَتِيءَ تايائِين، جهولو مُنڌَ جُهڙُ ٿِئو.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 26 ]

چارَڻَ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا،
صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتا،
تَنھِن تي راءُ راضِي ٿِئو، دِلِ وَڏِيءَ داتا،
مَرَڪي مَرُ ماتا، رُوڙِي راءَ ڏِياچَ جِي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 6 ]

ويٺِي تارا تورِيان، نِھارِيان نَکَٽَ،
وَڏِيءَ ڪَنھِن اُگهَٽَ، پِرِين وَرائي جهَلِئا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 8 ]

سَتين ڏِينھِن سَيِّدُ چئَي، ڌاڳا ڌوئائُون،
اُڀِي الَکَ سامُھِيُون، ٻانھُون ٻَڌائُون،
رُوحُ پَنھِنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پُوتائُون،
وَڏِيءَ ڪَنھِن وِلاتَ جا، اُھِڃَ آندائُون،
کَڻِئو کِڌائُون، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 7 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ پَرِ گُرُوءَ جِي پارِ،
ھَوائُون ھِنگلاجَ ڏي، وِيندي سَڀَ وِسارِ،
نانگا ناٿُ نِھارِ، سامِي وَڏِيءَ سِڪَ سين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 12 ]

صادَئُون صَبُرُ سِکِئا، ڌُرِيانئي ڌُڻِي،
اُبَٺِئا اِنَ ڳالِهہ تي، چِيرَنِ مَنجِهہ چُڻِي،
اِنَّمَا یُوَفَّى الصّٰبِرُوْنَ اَجْرَهُمْ ، سَرَھا ٿِئا سُڻِي،
وَڏِيءَ ڀُونءِ ڀُڻِي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 14 ]