نِجُهري جي سنڌي معنيٰ
جهوپڙي، ڀونگي، جُهڳَي، مڪان، گهر، وستي، گهروندو، وسنھن. (ننڍو گهر)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cottage, poor house, small home, home
نِجُهري جا بيتن ۾ حوالا
مُٺِيَسِ جَهلِ مَھارَ، ڪُٺِيَسِ ڪاھِ مَ ڪَرَھو،
مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ،
ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ جو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 1 ]
مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ،
ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ جو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 1 ]
نااُميديءَ جي نِجُهري، پيھِي پُڇُ اللهُ،
چِٽو رَبِي راھُ، پَرَ مُرادُنِ مَخفِي ڪِئو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 15 ]
چِٽو رَبِي راھُ، پَرَ مُرادُنِ مَخفِي ڪِئو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 15 ]
نِماڻِيءَ جي نِجُهري روئَڻُ ۽ راڙو،
ڪُٺَلِ سَندي قَلبَ ۾، قُرِبَ جو ڪاڙھو،
ھوتَنِ لَيءِ ھاڙھو، رِجائِيندِيَسِ رَتَ سين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 18 ]
ڪُٺَلِ سَندي قَلبَ ۾، قُرِبَ جو ڪاڙھو،
ھوتَنِ لَيءِ ھاڙھو، رِجائِيندِيَسِ رَتَ سين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 18 ]
اَڄُ نَہ ڳالَهائُونِ، ھُونِ ڏِھاڙِي نِجُهري،
پَسو پَھُ پِئُونِ، آتَڻُ سُڃُو اُنِ ري.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 16 ]
پَسو پَھُ پِئُونِ، آتَڻُ سُڃُو اُنِ ري.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 16 ]
نااُميدِيءَ جي نِجُهري، پيھِي پُڇُ اللهُ،
چِٽو رَبِي راھُ، پَرَ مُرادُنِ مَخفِي ڪِئو.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 21 ]
چِٽو رَبِي راھُ، پَرَ مُرادُنِ مَخفِي ڪِئو.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 21 ]
ڪَرِ ڪو ڀيرو ڪانڌَ، مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري،
پَکَي ڇِنا پاندَ، ڳَنڍُ نَہ ڄاڻي ڪو ٻِئو.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 8 ]
پَکَي ڇِنا پاندَ، ڳَنڍُ نَہ ڄاڻي ڪو ٻِئو.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 8 ]
نانگَنِ سَندي نِجُهري، پيرُ پَرُوڙي پاءِ،
تُنھِنجِي جاءِ نَہ ماءِ، اُتِ جُنگَنِ جي جوکو ٿِئي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 17 ]
تُنھِنجِي جاءِ نَہ ماءِ، اُتِ جُنگَنِ جي جوکو ٿِئي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 17 ]
English Meaning
Cottage, poor house, small home, home