نَفِيءَ جي سنڌي معنيٰ
انڪار، ناڪار، نَھِين، ساب، نَہ، اَڀاؤ، عَدمُ، نِيستي، ناسِتيه. اخراج، دوري، لا اللهُ چوڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Denial, refusal، forbidding, refusing, denying, subtraction, minus.
نَفِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
ناٿُ ڏِٺائُون نانهِن ۾، سا نانهِنُ بِہ نَمُونُو،
نَفِيءَ ۽ اِثباتَ کان، اَڃا پَنڌُ اُونُهو،
جوڳِيءَ سِرُ جُهونُو، آھي عَهدَ جُڳاتَ کان.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 22 ]
نَفِيءَ ۽ اِثباتَ کان، اَڃا پَنڌُ اُونُهو،
جوڳِيءَ سِرُ جُهونُو، آھي عَهدَ جُڳاتَ کان.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 22 ]
آڏو جو اِثباتَ کي، سو شِرڪُ لاھي شَڪُ،
ھِيءُ جَنھِن ۾ حَقُ، تَنھِن نَفِيءَ جِھَڙو ناھِ ڪِي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 22 ]
ھِيءُ جَنھِن ۾ حَقُ، تَنھِن نَفِيءَ جِھَڙو ناھِ ڪِي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 22 ]
نَفِيءَ جي نانھِن سين، پَھِي پِڃِئائُون،
ڀِڙا جٖي ڀانئَڻَ جا، ڀيري ڀَڳائُون،
ھُو جَو وَڻُ ھُئَڻَ جو، وَڍي وِڌائُون،
”اَسِين“ ۽ ”آئُون“، آتَڻِ اُنِ نَہ اُڄَھي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 16 ]