مَڃِئو جي سنڌي معنيٰ
رضامند ٿيا، تابعدار ٿيا، حوالي ڪيائون، سپردگي ڏنائون
ذريعو:ڀٽائي پيديا
English Meaning
Affirm, attest, own
مَڃِئو جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جَڏھِن چَيو جَنِ،
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، ھيجا ساڻُ ھِنيَنِ،
تَڏِھِين مَنجهان تَنِ، اَوَتَڙِ ڪونَہ اولئِو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 3 ]
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، ھيجا ساڻُ ھِنيَنِ،
تَڏِھِين مَنجهان تَنِ، اَوَتَڙِ ڪونَہ اولئِو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 3 ]
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جَنِ اُتو سين اِيمانَ،
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 4 ]
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 4 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، روھَ جَبَلَ روڏا،
وَڃِئو چَڙِهي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏا،
آھِينِ اَڻَ سُونھِن کي، ڀَر لَڪَنِ لوڏا،
ڪوھِيارِي ڪوڏا، مَعذُورِ مَرَڻُ مَڃِئو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 5 ]
وَڃِئو چَڙِهي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏا،
آھِينِ اَڻَ سُونھِن کي، ڀَر لَڪَنِ لوڏا،
ڪوھِيارِي ڪوڏا، مَعذُورِ مَرَڻُ مَڃِئو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 5 ]
ريءَ مَصلِحَتَ مَڱڻا، ھِتِ قَصرِ ڪِينَ اَچَنِ،
نُورَ تَجَلِي نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسَنِ،
خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمڪَنِ،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏانَ ڏِسَنِ،
تيلاھَ مُلڪَ ڌَڻِيَنِ، مَڃِئو مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 14 ]
نُورَ تَجَلِي نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسَنِ،
خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمڪَنِ،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏانَ ڏِسَنِ،
تيلاھَ مُلڪَ ڌَڻِيَنِ، مَڃِئو مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 14 ]
کَٿيرو ئِي خُوبُ، ڪانڌُ نَہ ڪَندِيَسِ ڪو ٻِئو،
ميرو ئِي مَحبُوبُ، اَسان مارُو مَڃِئو.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 8 ]
ميرو ئِي مَحبُوبُ، اَسان مارُو مَڃِئو.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 8 ]
English Meaning
Affirm, attest, own