مَرُ جي سنڌي معنيٰ
ڀلُ، ڀلي، بي شڪ، بلاشڪ، شل سدائين، شال
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Forever, ever
مَرُ جا بيتن ۾ حوالا
چَونِمِ مَرُ چَرِي ٿِي، پَرَ جي سَڏُ سُڻِينِ،
مَرُ مُونھِين کي ڏِينِ، ماڻُهو اَچِئو ميھَڻا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 29 ]
مَرُ مُونھِين کي ڏِينِ، ماڻُهو اَچِئو ميھَڻا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 29 ]
ڪاتِي تِکي مَ ٿِئي، مَرُ مُنِيائِي ھوءِ،
مانَ وِرمَنِ توءِ، مُون پِريان جا ھَٿَڙا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 12 ]
مانَ وِرمَنِ توءِ، مُون پِريان جا ھَٿَڙا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 12 ]
سِرَ جُدا ڌَڙَ ڌارَ، دوڳَ جَنِي جا ديڳِ ۾،
سي مَرُ ڪَنِ پَچارَ، حاضُرُ جَنِي ھَٿَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 27 ]
سي مَرُ ڪَنِ پَچارَ، حاضُرُ جَنِي ھَٿَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 27 ]
ويڄَ مَ مُون وَٽِ ويھُ، آيا جانِي مُون گهَرِ آيا، آيا ھادِي،
ويڄَنِ وَڏا ئِي وَسَ ڪِئا، مَرضَ مُنھِنجي کي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جي، سَندو رَحمَتَ ريھُ،
مَرُ چَڱِيائِي نَہ ٿِيان، ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي،
ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين، اَڱَڻِ شالَ اَچي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 2 ]

ٽانڊين ڪانڊين ٻاٻُرين، پَچان مَرُ پيئِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، سِيخُنِ ۾ ٽيئي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 3 ]
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، سِيخُنِ ۾ ٽيئي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 3 ]
مَتارا مَرِي وِئا، موکِي پَئِي مَرُ،
تُنھِنجو ڏُکُ ڏَمَرُ، ڪونَہ سَھَندو اُنِ ري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 12 ]
تُنھِنجو ڏُکُ ڏَمَرُ، ڪونَہ سَھَندو اُنِ ري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 12 ]
جيڏِيُون وَٺَڙِئو ھوتَ وَڃَنِ، جَهلِيان پَليان ھِينئڙونَہ رَھي،
مَرُ مَران مارِينِ مُون، پُرزا پُرزا ڪَنِ،
آئُون مُيائِي گهورِي، جَي مان مُحِبَ مِڙَنِ،
آئُون جَنِ جي آھِيان، ڪَڙِي مَ ٿِيان تَنِ،
گهَڻين ڀَتين گهورِي، سَندَڙِي ٻاجَهہ ٻِيَن.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 8 ]
مَرُ مَران مارِينِ مُون، پُرزا پُرزا ڪَنِ،
آئُون مُيائِي گهورِي، جَي مان مُحِبَ مِڙَنِ،
آئُون جَنِ جي آھِيان، ڪَڙِي مَ ٿِيان تَنِ،
گهَڻين ڀَتين گهورِي، سَندَڙِي ٻاجَهہ ٻِيَن.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 8 ]
تُون مُنھِنجو آھِين، توکي تَڙي ڪيرُ،
لِکَ سين وِڌُءِ ويرُ، مَرُ سِکَنِ سُھاڳِڻِيون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 12 ]
لِکَ سين وِڌُءِ ويرُ، مَرُ سِکَنِ سُھاڳِڻِيون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 12 ]
عُقابِي اَکِيُنِ سين، تِيرَ چَلايا تو،
ٻِئو مَرُ ماري سو، جَنھِن جو پَھرِيون پُورو نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 6 ]
ٻِئو مَرُ ماري سو، جَنھِن جو پَھرِيون پُورو نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 6 ]
سَڌين سيڻَ نَہ ھُونِ، نِينھُن نِياپي نَہ ٿِئي،
ڪارِيءَ راتِ رَتُ ڦُڙا، جان جان نيڻَ نَہ رُونِ،
موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو، پِڙَ تي سيئِي پُونِ،
جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ.
[ سُر کنڀات، وايون، 4 ]
ڪارِيءَ راتِ رَتُ ڦُڙا، جان جان نيڻَ نَہ رُونِ،
موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو، پِڙَ تي سيئِي پُونِ،
جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ.
[ سُر کنڀات، وايون، 4 ]
English Meaning
Forever, ever