موٽائي جي سنڌي معنيٰ
واپس ڪري، بي مھت ڪري، نا اميد ڪري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Return, make frustrated.
موٽائي جا بيتن ۾ حوالا
پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، چَڱو چِٽائي،
ڪَچو ڏيجِ ڪُلالَ کي، ماڳھِين موٽائي،
سو سُڻُ ھِنيَين سين سُهڻِي، جيڪِي فائِقُ فَرِمائي،
مَوجُون مُنجهائي، مَڇُڻ مارِينَئِي مَھِراڻَ جُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 19 ]
ڪَچو ڏيجِ ڪُلالَ کي، ماڳھِين موٽائي،
سو سُڻُ ھِنيَين سين سُهڻِي، جيڪِي فائِقُ فَرِمائي،
مَوجُون مُنجهائي، مَڇُڻ مارِينَئِي مَھِراڻَ جُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 19 ]
اُٺَ مَ اوري آڻِ، ڏاگهَنِ ڏَڌِي آھِيان،
موٽائي مُٺَنِ کي، پَري نيئِي پَلاڻِ،
ھوتُ مُئِيءَ جو ھاڻِ، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 4 ]
موٽائي مُٺَنِ کي، پَري نيئِي پَلاڻِ،
ھوتُ مُئِيءَ جو ھاڻِ، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 4 ]
ڏِنو ڪِينَ ڏِياچَ، ٿو سائِلُ سِڪائي،
مُنھَن تي موٽائي، مَٿو ھَنيُسِ مَڱڻي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 10 ]
مُنھَن تي موٽائي، مَٿو ھَنيُسِ مَڱڻي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 10 ]
سِرَ جِي ھُئائِين ھَلِئو، چارَڻُ چِتائي،
سو مُوڙا جَهلي نَہ مالَ جا، ٿو ماڻِڪَ موٽائي،
تو دَرِ آيُسِ تي، جِيئَنِ تُون ناھِ نَہ سِکِئو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 25 ]
سو مُوڙا جَهلي نَہ مالَ جا، ٿو ماڻِڪَ موٽائي،
تو دَرِ آيُسِ تي، جِيئَنِ تُون ناھِ نَہ سِکِئو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 25 ]
ڏاتَرَ مُون ڏيکارِئو ھوتَنِ جو حُضُورُ،
پِرِيَنِ پَرچَڻَ جو ڪِئو، موٽائي مَذڪُورُ،
اِيءُ دوسِتَنِ جو دَستُورُ، جِيئَن ڇِنان ڇِنَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 15 ]
پِرِيَنِ پَرچَڻَ جو ڪِئو، موٽائي مَذڪُورُ،
اِيءُ دوسِتَنِ جو دَستُورُ، جِيئَن ڇِنان ڇِنَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 15 ]
ويٺِي نِتُ نِھارِيان، راڻا تُنھِنجو راھُ،
موٽائي ماڳَنِ ۾، آڻِيندُءِ اللهُ،
سوڍا تو ڳَرِ ساھُ، نَہ تَہ راڻا گَهڻا راڄَ ۾.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 16 ]
موٽائي ماڳَنِ ۾، آڻِيندُءِ اللهُ،
سوڍا تو ڳَرِ ساھُ، نَہ تَہ راڻا گَهڻا راڄَ ۾.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 16 ]
راڻي سين رِھاڻِ، ڪَندِي ھُيَسِ ڪاڪِ ۾،
موٽائي مَينڌَرو، اللهَ اَڱَڻِ آڻِ،
سي ھَنڌَ پَسِئو ھاڻِ، وَڃي ھِنيُون وِرڄِئو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 17 ]
موٽائي مَينڌَرو، اللهَ اَڱَڻِ آڻِ،
سي ھَنڌَ پَسِئو ھاڻِ، وَڃي ھِنيُون وِرڄِئو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 17 ]
ڏُورِ وَڃِئو ڏِينھَن لائي، ڪا مُنھِنجي سوڍي سَمجهائي،
جيڏِيُون راڻي کي رَحمُ پَئي،
ڇَنا مَنَھَن ماڙِيُون اوڏاھِين اَڏائي،
ميڙِ مُنجان ٿي مَينڌَري، پاندُ ڳِچِيءَ ۾ پائي،
ميڙِ منھِنجِي مَينڌَرو، مانَ موٽائي،
ساھُ مُنھِنجو سُپِرِين، ڪامَ وَٺِئِو ٿو ڪاھي،
ساڻيھَ مَٿي سُپِرِين، واڳُون وَرائي،
فَقِيرِ مِينھَن فِراقَ جا، ويٺِي وَسائي.
[ سُر راڻو، وايون، 8 ]

سِڪي ھِنيُون سَڌَ مَري، راڻي جِيءَ رِھاڻِ،
موٽائي مَينڌَرو، اللهَ اَڱَڻِ آڻِ،
تان مُون پَئي نَہ ڪاڻِ، صَباح وِچِ سَرَتِيين.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 11 ]
موٽائي مَينڌَرو، اللهَ اَڱَڻِ آڻِ،
تان مُون پَئي نَہ ڪاڻِ، صَباح وِچِ سَرَتِيين.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 11 ]
اُنَڙَ ۾ آسَ گهَڻِي، تِھان وَڏيرو ڊَپُ،
مَڱڻَھارَنِ مَپُ، جَو نَہ موٽائي مَڱڻا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 17 ]
مَڱڻَھارَنِ مَپُ، جَو نَہ موٽائي مَڱڻا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 17 ]
English Meaning
Return, make frustrated.