ماءُ جي سنڌي معنيٰ
امان، اَمِي، اَمڙ، ماتا، والدہ، مادر، جِيجل، ڄڻيندڙ، ڄڻڻي، جنني، آئِي. آيَل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Mother, mom, mummy.
ماءُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪينُون آکان ڪَونُ بَتاوي ھِي واٽَهَڙُو لوڪُ ڙي ماءُ،
اَپِني صاحِبِ دِي باتِ ڙي،
چارَڻُ آيا ڪاٽِ لي جايا کوءِ جاجِڪاڻي ذاتِ ڙي ماءُ.
[ سُر سورٺ، وايون، 5 ]
اَپِني صاحِبِ دِي باتِ ڙي،
چارَڻُ آيا ڪاٽِ لي جايا کوءِ جاجِڪاڻي ذاتِ ڙي ماءُ.
[ سُر سورٺ، وايون، 5 ]
اَکَرَ پَڙِهي اَڀاڳِئا، قاضِي ٿِئَين ڪِيئَن،
ڀيرِيين ۽ ڀانِئيين، مُلان مُٺِيَئِي ماءُ،
اِنَ سُرِڪِيءَ ساءُ، پُڇِجِ عَزازِيلَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 10 ]
ڀيرِيين ۽ ڀانِئيين، مُلان مُٺِيَئِي ماءُ،
اِنَ سُرِڪِيءَ ساءُ، پُڇِجِ عَزازِيلَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 10 ]
پِتو ڦِتو پيٽَ ۾، مُلي سَندِيءَ ماءُ،
ڏِسِي جَنھِن اللهُ، ٽُٻِي ڏِنِي ڌُوڙِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 35 ]
ڏِسِي جَنھِن اللهُ، ٽُٻِي ڏِنِي ڌُوڙِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 35 ]
جٖي اُھَرِئَمِ اَڄُ، سي ڪَڏِھِين اِيندا مان ڳَري،
پِريان جِي ھُنَ پارَ ڏي، وَڃِي دَؤُنڪِي ڌَڄُ،
سامُونڊِيءَ ڪو ڏَنجُهہ، ماءُ مارِيندُمِ ڪَڏِھِين.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 16 ]
پِريان جِي ھُنَ پارَ ڏي، وَڃِي دَؤُنڪِي ڌَڄُ،
سامُونڊِيءَ ڪو ڏَنجُهہ، ماءُ مارِيندُمِ ڪَڏِھِين.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 16 ]
پِرِيَنِ جي پَنڌان، مُون کي جٖي جَهلِينديُون سي نَہ پُڄَندِيُون،
ڀَلِي ڪَري آيو، ٺاٺارو ڏيھان،
ڀَڳي ڪُٽِ سَڄِي ٿِئي، لَٿِي جاکَ ڳَرا،
سَرَتِيُنِ سُورَ پِرايا، ھاڻي ھِنَ ھَنڌان،
مَتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، تُون ھَڏِ آڇِ مَ ماءُ،
تان ڪِي ڏُونگَرَ ڏورِيان، جان ڪُڙِه اَندَرِ ساھُ،
تان ڪِي واسُ وِھائِيان، ٻاروچي مُلا.
[ سُر سامونڊي، وايون، 1 ]

چَمَڪِيُون چوڌارَ، ڌَڄِيُون ڌاڙيچَنِ جُون،
ماءُ سامُونڊِي آيا، سَھِسين ڪَري سِينگارَ،
تَنِي جي تَنوارَ، ڪالَهُون پوءِ ڪانگُ ڪَري.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 7 ]
ماءُ سامُونڊِي آيا، سَھِسين ڪَري سِينگارَ،
تَنِي جي تَنوارَ، ڪالَهُون پوءِ ڪانگُ ڪَري.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 7 ]
وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا،
اولِيُون پَسِي اُنِ جُون، پِيَمِ ڳَچَ ڳَري،
ويندِيَسِ ماءُ مَرِي، ساري سامُونڊِيَنِ کي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 21 ]
اولِيُون پَسِي اُنِ جُون، پِيَمِ ڳَچَ ڳَري،
ويندِيَسِ ماءُ مَرِي، ساري سامُونڊِيَنِ کي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 21 ]
سِڪَ سِڪَندِيَنِ لاءِ، وِڇوڙِئا ميڙِ پِرِين،
ايڏِي سَگَهہ سَچا ڌَڻِي، تو ھِي کي جُڳاءِ.
تَنُ جَنِي جو طالِبُو، مِھرَ تَنِي کي پاءِ،
ميڙائي جو ماءُ، ڪانگُ لَوَندو ڪَڏِھِين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 10 ]
ايڏِي سَگَهہ سَچا ڌَڻِي، تو ھِي کي جُڳاءِ.
تَنُ جَنِي جو طالِبُو، مِھرَ تَنِي کي پاءِ،
ميڙائي جو ماءُ، ڪانگُ لَوَندو ڪَڏِھِين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 10 ]
ميندِي لاوڻُ ڏي، جِيوين شاھَ ميندِي لاوَڻ ڏي،
قاسِمَ شاھَ سيجَ وِڇاوَڻُ ڏي،
ميندِي تَيڏِي رَنگُلِي، چوَٽا لالُ گُلابُ،
ماءُ پِيءُ ڏِتَڙَئِي سِهرا، خَبَرَ نَہ ماڻِيندي نالِ.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 2 ]
قاسِمَ شاھَ سيجَ وِڇاوَڻُ ڏي،
ميندِي تَيڏِي رَنگُلِي، چوَٽا لالُ گُلابُ،
ماءُ پِيءُ ڏِتَڙَئِي سِهرا، خَبَرَ نَہ ماڻِيندي نالِ.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 2 ]
اَڄُ مَلِيندِيَسِ ماءُ، ڌاڄا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا،
جِيجان جوڳِياڻِي ٿِيان، مُون کي جَهلِ مَ پاءِ،
ھوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنَرَ پايان.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 11 ]
جِيجان جوڳِياڻِي ٿِيان، مُون کي جَهلِ مَ پاءِ،
ھوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنَرَ پايان.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 11 ]
English Meaning
Mother, mom, mummy.