لُڇَنِ جي سنڌي معنيٰ
ڦَٿِڪَن، بي آرامي ٿين، بيقرار ٿين، سُورَ کان بي تاب ٿين، دانھون ڪن، پچن،کامن، وِلوڙجن، ڇاڇولجن، لَڦڪن، تڙپن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The being tossed about or disturbed by any pain, by grief, anger etc. inquietude, disquiet, uneasiness.
لُڇَنِ جا بيتن ۾ حوالا
رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن،
لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جانِبَ ريءَ جَوابُ،
سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبابُ،
سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 6 ]

ڪانارِئا ڪُڻِڪَن، جَنِي لوھُ لِڱَنِ ۾،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ،
پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ،
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رَھِي اَچِجي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 12 ]

آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون پُنِيُون،
جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا،
ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،
ويھُ داتا جي دَرَ تي، شُڪُرُ جَنھِن سُھاءِ،
ڪانِهي حَدَ حَمدَ جِي، تَہ ڪَرِيان لالَنَ لاءِ،
ڳَڻِيو ڳَڻِيان ڪيتِريُون، وَڏِيُون وَڏاياءِ،
سو مُونھان مُورِ نَہ سَپَجي، جيڪِي تو جُڳاَءِ،
تو سَڃِيُون تو سَندِيُون، سِڪَنِ تَوِھِين ساءِ،
اُڃَ تُنھِنجِيءَ اُڃِيُون، لُڇَنِ توئِي لاءِ،
دِلِ دانھُنِ ري نَہ رَھي، مُون کي ماٺِ جُڳاءِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 18 ]

ڀُلِيُون ڪوھُ پُڇَنِ، پَرَ پُٺِ پِيرُ پُنهونءَ جو،
لَهسِيُون ٿِيُون لُڇَنِ، ڏٺو جَنِ اَکِينِ سين.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 11 ]

سوڍا شَرَمُ جَنِ، موٽِي آيو مُنھَن ۾،
سي لَڄايُون لُڇَنِ، پَسِئو عَيبَ اَڳِيان.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 19 ]