لُوٺو جي سنڌي معنيٰ
سڙيو، ٻريو، جليو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Burnt, became ashes.
لُوٺو جا بيتن ۾ حوالا
وارو مُون وَڻَراھِ، ڪا سُڌِ سُونھَپَ جِي نَہ ڏِيو،
وِجِهي وَراڪَنِ ۾، مَعذُورِ کي مَ مُنجهاءِ،
مَنجهان پَھَڻَ پِيادِيُون، ھادِي ئي ھَلاءِ،
پِريان کي پَھچاءِ، تَہ لَڳِي لُوٺو تَہ ٿِيين.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 9 ]
وِجِهي وَراڪَنِ ۾، مَعذُورِ کي مَ مُنجهاءِ،
مَنجهان پَھَڻَ پِيادِيُون، ھادِي ئي ھَلاءِ،
پِريان کي پَھچاءِ، تَہ لَڳِي لُوٺو تَہ ٿِيين.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 9 ]
ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، لُوٺو لُڊاڻو،
تو پُڄاڻا سُپِرِين، آتَڻُ اُجهاڻو،
ڪِجي نَہ ماڻو، مِيان مُحتاجَنِ سين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 17 ]
تو پُڄاڻا سُپِرِين، آتَڻُ اُجهاڻو،
ڪِجي نَہ ماڻو، مِيان مُحتاجَنِ سين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 17 ]
جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪِئو روءِ،
”نَہ ڪُتا نَہ ڪوڙِڪِيُون“، چَرِئو اُڀو چوءِ،
ھاڻي ھِنِھان پوءِ، لَڳِي لُوٺو نَہ ٿِيان.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 13 ]
”نَہ ڪُتا نَہ ڪوڙِڪِيُون“، چَرِئو اُڀو چوءِ،
ھاڻي ھِنِھان پوءِ، لَڳِي لُوٺو نَہ ٿِيان.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 13 ]
English Meaning
Burnt, became ashes.