لَڌِيُون جي سنڌي معنيٰ
حاصل ڪيون (لائون لڌيون) شاديءَ جي رسم واري لانئن لاھڻ واريون لڌيون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Obtained, got marriage.
لَڌِيُون جا بيتن ۾ حوالا
جانۡ مُون وَڻِجارو ڪانڌُ، تانۡ ھَڏِ مَ لائُون لَڌِيُون،
مَٿي پَرَ ڏيھَ سانگُ، اَٺَئِي پَھرَ اُنَ جو.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 20 ]
مَٿي پَرَ ڏيھَ سانگُ، اَٺَئِي پَھرَ اُنَ جو.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 20 ]
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائُون،
مِيثاقا ميھارَ سين، لَڌِيُون مُون لائُون،
سو موٽي ڪِيئَن پاھُون، جو مَحفُوظا مَحڪُمُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 4 ]
مِيثاقا ميھارَ سين، لَڌِيُون مُون لائُون،
سو موٽي ڪِيئَن پاھُون، جو مَحفُوظا مَحڪُمُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 4 ]
حَسَنَ مِيرَ حُسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ،
گهَرِ ماڻُهئين جَهنگِ مِروئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ،
پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِئو، لَڏِئو ھوتَ وَڃَنِ،
گهوڙَنِ ۽ گهوٽَنِ، رِڻَ ۾ لائُون لَڌِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 11 ]
گهَرِ ماڻُهئين جَهنگِ مِروئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ،
پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِئو، لَڏِئو ھوتَ وَڃَنِ،
گهوڙَنِ ۽ گهوٽَنِ، رِڻَ ۾ لائُون لَڌِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 11 ]
جهونگاَرِيندي جَهنگَنِ ۾، جي کُٽَنِمِ ڏِينھِن،
تَہ ڪَرَ مُنھِنجي نِينَھَن، اَپَرِ لائُون لَڌِيُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 14 ]
تَہ ڪَرَ مُنھِنجي نِينَھَن، اَپَرِ لائُون لَڌِيُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 14 ]
لَڳَندي لَڪَنِ سين، آئُون جي مَران اِيئَن،
ماءُ مُنھِنجي نِينھَن، تَہ ڪَرَ لائُون لَڌِيُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 15 ]
ماءُ مُنھِنجي نِينھَن، تَہ ڪَرَ لائُون لَڌِيُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 15 ]
مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، لوئِيءَ مَ لائُون،
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مُون کي ٻانھُنِ ٻَڌائُون،
عُمَرَ چؤُ آئُون، ڪِيئَن پَٽُ پَرَھِيان سُومَرا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 6 ]
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مُون کي ٻانھُنِ ٻَڌائُون،
عُمَرَ چؤُ آئُون، ڪِيئَن پَٽُ پَرَھِيان سُومَرا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 6 ]
لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون،
اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون،
سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا ڏيجُ ڏِنائُون،
ڪِيئَن پَٽُ پَرَهِيان، عُمَرَ جو آئُون،
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، ٻانھُنِ ٻَڌائُون،
کِھَہ مانڌاڻِي مَکِڻِي، قُوتُ جَنِ جو سائُون،
عُمَرَ تي زورو ڪَري، جيلاھَ راڄُ اَڳاهُون،
کاڄُ کَٿيرِنِ سُرَهو، سَڱَرُ ۽ سائُون.
[ سُر مارئي، وايون، 13 ]