لهسِئو جي سنڌي معنيٰ
باھ جي جهڙپ ۾ آيو، تاوَ ۾ آيو، باھ سان سيڪيو، لوساٽيو، تئہ مليس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Slight burnt, singeing, scorching from fire.
لهسِئو جا بيتن ۾ حوالا
لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي لهسِئو،
اُڀَنِ مَنجهان آيو، ھئَي ھئَي جو ھُڳاءُ،
طَيُورَنِ تَنوارِئو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ،
رَسِئو سُورُ شَبانَ کي، وُحُوشَنِ وَٽاءُ،
مِروئَنِ مَوتُ قَبُولِئو، اَپَرِ اَفسوساءُ،
بَرَ پُڻ ڪَنِ بُڪاءُ، اُڪَنڊِئا آرِيءَ لَئي گهَڻو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 12 ]