قَلِيلُ جي سنڌي معنيٰ
ٿورو، گهٽ، قدري، ذرو. ننڍو، لاٺو، لاٺارو، ڇوٽو. اڻ پورو. ڪوڙو. ڪُڇ، جزوي، ڇڊو، ورلي، ڇٽو، ڪِي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Small, tiny, incomplete, few, least, smaller, lump.
قَلِيلُ جا بيتن ۾ حوالا
نِڪِرُ ڏُکِي ڏيھَ مان، ھاڻي ڇَڏِ ھِيءُ ھَنڌُ،
ڪارَڻِ ھوتَ پُنهونءَ جي، راھَ پُڇائِجِ رَندُ،
سَفَرُ طَوِيلُ وَزادَھا قَلِيلُ، پَٽِيين اَڙانگو پَنڌُ،
ڪِيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 28 ]
ڪارَڻِ ھوتَ پُنهونءَ جي، راھَ پُڇائِجِ رَندُ،
سَفَرُ طَوِيلُ وَزادَھا قَلِيلُ، پَٽِيين اَڙانگو پَنڌُ،
ڪِيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 28 ]
وَجَھَ مَنجِهہ خَلِيلُ، اَندَرِ آذَرُ آھِين،
مُنھَن ۾ مُسلِمانُ تُون، قَلبُ تان قَلِيلُ،
سَڌَ مَ ڪَرِ صِحَتَ جِي، اَڃا تُون عَلِيلُ،
وِترَ جي وِصالَ ۾، دُوئِي ناھِ دَلِيلُ،
نالو ناھِ نِفاقَ جو، جِتي رَبُ جَلِيلُ.
[ سُر آسا، وايون، 6 ]