قَطارُون جي سنڌي معنيٰ
لانڍون، صفون. ساٿ، قافلا. هڪ ٻئي پٺيان سلسلي ۾ رکيل شيون. سلسلا، ترتيبون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rows, strings, lines, ranks, series.
قَطارُون جا بيتن ۾ حوالا
نَڪَ ناڪِيلِيُون سونَ جُون، موتِيُنِ مَھارُون،
لَنگهِيُون راتِ لَطِيفُ چئَي، ڪَرَھَنِ قَطارُون،
ٻانڀَڻِ ٻاڪارُون، ڪَرِ تَہ رَسين ڪيچَ کي.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 17 ]
لَنگهِيُون راتِ لَطِيفُ چئَي، ڪَرَھَنِ قَطارُون،
ٻانڀَڻِ ٻاڪارُون، ڪَرِ تَہ رَسين ڪيچَ کي.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 17 ]
مُون کي لَڳَڙِي آھِ لَغارَ، وو يارَ لُنءَ لُنءَ ۾ لالَڻَ جِي،
ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ ھَزارَ،
جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي رءَ لُهارَ،
لَڳِي آھي نَہ لَھي سَندِي پِيَ پَچارَ،
کُوءِ سي جِيئَڻَ ڏِينھَڙا، جي نِي پِرِينَئُون ڌارَ،
ڪانگَنِ قَطارُون ڪِيُون، چُڪِيءَ کي چوڌارَ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، سَنجهي ٿِئَڙا سُوارَ،
گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان، تَنِ جَتَنِ جي جِنسارَ،
جيڪي اورَڻُ پِرِينءَ سين، جيڪي پِرِينءَ پَچارَ،
گَڏِي ويندِيَسِ گَسَ ۾، ڪاڪِيُون ساڻُ قَطارَ،
آئُون نِماڻِي نِڪَڻِي، دَمِج تُون دِلِدارَ.
[ سُر ديسي، وايون، 10 ]

ڏُونگَرَ تو ڏُکان، پَھَڻُ ٿِيان پَٻَ جو،
وَڃَنِ مُون مَٿان، ڪيچِي قَطارُون ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 8 ]
وَڃَنِ مُون مَٿان، ڪيچِي قَطارُون ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 8 ]
گُوندَرَ ھَٿَ نَہ پيرَ، وِرھُ مَنجِهين وِھَڻو،
ڪُڙِه ۾ قَطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيرَ،
مُون جِيئَن گهاري ڪيرَ، ھيڪَلِي ريءَ سَڄَڻين.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 3 ]
ڪُڙِه ۾ قَطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيرَ،
مُون جِيئَن گهاري ڪيرَ، ھيڪَلِي ريءَ سَڄَڻين.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 3 ]
English Meaning
Rows, strings, lines, ranks, series.