قاصِدَ جي سنڌي معنيٰ
پيغام پھچائيندڙ، سنيھو رسائيندڙ، نياپو پھچائيندڙ، نياپو نيندڙ، سَنديسو آڻيندڙ، ريٻارو. قصد ڪندڙ، ارادو ڪندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A courier, messenger, runner.
قاصِدَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪارُون وَسَ ڪِئامِ، ڙي ھئَي ھئَي وو لَڏي ڏُورِ وِئامِ،
مُنھِنجو ھوتُ نَہ موٽِئو،
ٻَنڌَڻَ ٻاروچَنِ جا، پينگهي مَنجِهہ پييامِ،
ڪَئين قاصِدَ ڪيچِ ڏي، مُحبَنِ لاءِ مُڪامِ،
سَدا سُپَيرِيَن جا، سانڍِڻُ سُورَ پيامِ،
ھوتَ ھَلَندِي جي ڪِئا، نَہ سي سَڏَ سُئامِ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، آرِياڻِي اِيندامِ.
[ سُر حسيني، وايون، 11 ]

ڪانگَلَ قاصِدَ پِرِيَنِ جا، اَڱَڻِ آيو ٽِلُ،
بِيائيد بِنِشِينيدِ ، مُحِبَ مُون کي مِلُ،
زاغُ گُفتِ فَھمِيدَم ، خُوشِحالُ ويٺو کِلُ،
غُراۡبُ نَہ غافِلُ، جَنھِن تَنا تُنڪا لايا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 33 ]
بِيائيد بِنِشِينيدِ ، مُحِبَ مُون کي مِلُ،
زاغُ گُفتِ فَھمِيدَم ، خُوشِحالُ ويٺو کِلُ،
غُراۡبُ نَہ غافِلُ، جَنھِن تَنا تُنڪا لايا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 33 ]
English Meaning
A courier, messenger, runner.
قاصِدَ ٻول جا زمرا