عُمَرُ جي سنڌي معنيٰ
عمر (ھڪ بادشاھ) سومري خاندان جي هڪ بادشاھ جو نالو، مارئي عُمر جي تمثيل وارو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Umer, name of a king. One of a male character in Marui Umer folk tale.
عُمَرُ جا بيتن ۾ حوالا
باللہ آھِيان بَندَ ۾ ڌُئان ڪِيئَن ڌَٻَرُ،
ويڻَ وَراڻي ناھِ ڪا، سُومَرو سَٻَرُ،
مِيان مَھربانُ ڪَرِيين، اِلاھِي عُمَرُ،
ويڙِھ پَسان سو وَرُ، جيڏانھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 3 ]
ويڻَ وَراڻي ناھِ ڪا، سُومَرو سَٻَرُ،
مِيان مَھربانُ ڪَرِيين، اِلاھِي عُمَرُ،
ويڙِھ پَسان سو وَرُ، جيڏانھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 3 ]
عُمَرُ چاڙِهي اُٺِ تي، پُڄِي نِيو پَنوهارِ،
ڏِنُو ڏاڍي بَندَ ۾، سُومَرو سَنگَهارِ،
نيئِي ٿَرِ آڳِٽِئو، پُرسُ پَرائِيءَ نارِ،
مارُو جو مَليرَ ۾، ويٺو ڪوٽَ ڪُوارِ،
هَنجُهون ڪِيمَ هارِ، موٽَڻُ ڪو مَسَ ٿِئي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 10 ]
ڏِنُو ڏاڍي بَندَ ۾، سُومَرو سَنگَهارِ،
نيئِي ٿَرِ آڳِٽِئو، پُرسُ پَرائِيءَ نارِ،
مارُو جو مَليرَ ۾، ويٺو ڪوٽَ ڪُوارِ،
هَنجُهون ڪِيمَ هارِ، موٽَڻُ ڪو مَسَ ٿِئي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 10 ]
ڪِي اَسان ڪِ مارُئين، ڪِي اَباڻَنِ چَئِجاهُ،
هَرَ هَرَ هَلائُون ٿو ڪِري، عُمَرُ اَسان تان،
پائرَ جي پِيرَنِ کي، اَئِين ڪو عَرَضُ ڪِجاهُ،
اللهَ کي چَئِجاهُ، تَہ لوئِيءَ جِي لَڄَ رَهي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 19 ]
هَرَ هَرَ هَلائُون ٿو ڪِري، عُمَرُ اَسان تان،
پائرَ جي پِيرَنِ کي، اَئِين ڪو عَرَضُ ڪِجاهُ،
اللهَ کي چَئِجاهُ، تَہ لوئِيءَ جِي لَڄَ رَهي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 19 ]
حَمِيرَ جي ھاڃي جِي، مُون نَہ پَرُوڙِي مامَ،
عُمَرُ آيو اوچتو، ڪاهي کَڻِي ڪامَ،
ڇَڏيَمِ حِيلا هِنَ ھَنڌَ جا، هِينئَڙي ڀَڳي هامَ،
سَرَتِيُنِ جا سَلامَ، مِيان مَلِيران آيا.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 6 ]
عُمَرُ آيو اوچتو، ڪاهي کَڻِي ڪامَ،
ڇَڏيَمِ حِيلا هِنَ ھَنڌَ جا، هِينئَڙي ڀَڳي هامَ،
سَرَتِيُنِ جا سَلامَ، مِيان مَلِيران آيا.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 6 ]
اَڇا ڪوٽَ پَٽَنِ ۾، ٿو عُمَرُ اَڏائي،
ڏَمِرِئو ڏيھَ ڌَڻِي، ڇاڄا ڇَڏائي،
ڀورو ايِئَن نَہ ڀانئي، تَہ لوڪُ لاڏائُو ساٿَڙو.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 10 ]
ڏَمِرِئو ڏيھَ ڌَڻِي، ڇاڄا ڇَڏائي،
ڀورو ايِئَن نَہ ڀانئي، تَہ لوڪُ لاڏائُو ساٿَڙو.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 10 ]
English Meaning
Umer, name of a king. One of a male character in Marui Umer folk tale.