طالِبُ المولىٰ جي سنڌي معنيٰ
هڪ الله جو طلبگار. موليٰ جو ڳوليندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Seeker of God, disciple of Allah.
طالِبُ المولىٰ جا بيتن ۾ حوالا
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ چُورُ ٿِئي چُوڙو،
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو،
گهورِئو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 21 ]
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو،
گهورِئو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 21 ]
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ ٻِيڙَ ٿِئي ٻانھِين،
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ پَرِ اَسانھِين،
پُئان مَ پانھِين، مُون ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 22 ]
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ پَرِ اَسانھِين،
پُئان مَ پانھِين، مُون ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 22 ]
مُونا طُورُ سِيناءَ، سَندا سَناسِيَنِ،
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ڪَلامُ ڪِئائُون ڪَنِ،
سُکَنِ کي سَڀَين پَرِيين، ٻُجهِي ڏِنائُون ٻَنِ،
اَلِفَ آدِيسِيَنِ، چوري رَکِئو چِتَ ۾.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 2 ]
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ڪَلامُ ڪِئائُون ڪَنِ،
سُکَنِ کي سَڀَين پَرِيين، ٻُجهِي ڏِنائُون ٻَنِ،
اَلِفَ آدِيسِيَنِ، چوري رَکِئو چِتَ ۾.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 2 ]
پاڻِهين پَسي پاڻَ کي، پاڻِهين اِيءُ مَحبُوبُ،
پاڻِهين خَلَقي خُوبُ، پاڻِهين طالِبُ تَنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 19 ]
پاڻِهين خَلَقي خُوبُ، پاڻِهين طالِبُ تَنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 19 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اَندَرِ رُومِي راءُ،
ماڻُهو اِتِ ڪِئا، مَنڊُ نَہ پَسِين مَنڊِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 10 ]
ماڻُهو اِتِ ڪِئا، مَنڊُ نَہ پَسِين مَنڊِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 10 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي رُوءِ،
جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 11 ]
جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 11 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جي راحَتَ،
جَنِي ڏِٺِي سَٿَ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 12 ]
جَنِي ڏِٺِي سَٿَ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 12 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رومِيءَ جِي رِھاڻِ،
پھرِين وِڃائَڻُ پاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 13 ]
پھرِين وِڃائَڻُ پاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 13 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رُومِي جو آھي،
تاڙيِ جَي لاھي، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 14 ]
تاڙيِ جَي لاھي، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 14 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي اوطاقَ،
جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 15 ]
جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 15 ]
English Meaning
Seeker of God, disciple of Allah.