صِحَتَ جي سنڌي معنيٰ
تندرستي، تندرست رهڻ، چڱڀلائي، نمرائي، شفا. دستي، تصحيح.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Health, good health, recovery.
صِحَتَ جا بيتن ۾ حوالا
حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو، رَھنُما راحَتَ،
پِيڙا نِئائُون پاڻَ سين، لاھي ڏيئِي لَتَ،
سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيمِ مَنجهان ڏُکَندي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 3 ]
پِيڙا نِئائُون پاڻَ سين، لاھي ڏيئِي لَتَ،
سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيمِ مَنجهان ڏُکَندي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 3 ]
اَگَهنِ مِڙِي اَڄُ، ڪِئو سَڏُ صِحَتَ کي،
ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِھرِيءَ مُنھُن ڏيکارِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 8 ]
ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِھرِيءَ مُنھُن ڏيکارِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 8 ]
ويڄَنِ ويٺيئي، دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو،
صِحَتَ جِي سَرِيرَ ۾، ڪَلَ ڪَرِين پيئِي،
پِيڙَ پَري ويئِي، اَچَڻَ ساڻُ عَجِيبَ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 9 ]
صِحَتَ جِي سَرِيرَ ۾، ڪَلَ ڪَرِين پيئِي،
پِيڙَ پَري ويئِي، اَچَڻَ ساڻُ عَجِيبَ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 9 ]
تَنَ جو تُون نَہ طَبِيبُ، ڌارِيَئِي دُنِيا ڪارَڻِ ڍَٻِيُون،
اِيندو اَڄُ عَجِيبُ، شادِي ڏِيندو صِحَتَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 29 ]
اِيندو اَڄُ عَجِيبُ، شادِي ڏِيندو صِحَتَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 29 ]
سُورُ جَنِي سَرِئو، سَرِي تَنِ صِحَتَ،
مِٺِي مُصيبَتَ، آھي عاشِقَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 3 ]
مِٺِي مُصيبَتَ، آھي عاشِقَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 3 ]
ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، آھي ۾ آزارَ،
ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگهارَ،
توڏِيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوا ۾ دِيدارَ،
جَي پَسي مُنھُن ميھارَ، تَہ سِگهِيائِي سَگهِي ٿِي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 5 ]
ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگهارَ،
توڏِيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوا ۾ دِيدارَ،
جَي پَسي مُنھُن ميھارَ، تَہ سِگهِيائِي سَگهِي ٿِي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 5 ]
مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ، مُون کي دَردُ قَدِيِمي وو،
دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو،
آلُودِي آزارَ کان، تو ريءَ ٿِيَسَ طَبِيبَ،
شادِي ڏيِين صِحَتَ جِي، غَمِي لاھِ غَريِبَ،
ڪاھِلِ آھِيان ڪُوَڙِي، رَسِي لاھِ رَقِيبَ،
حاذِقُ آھِين ھِنَ جو، اَچين شالَ عَجِيبَ،
اَگِهي ٿِي آھُون ڪَرِيان، نَعرو مَنجِهہ نَصِيبَ،
دَوا آھِين دِلِ جِي، پُڇُ پُڇُ رَھيَسِ طَبِيبَ،
اَلا عَبدِالْلَطِيفَ کي، ڪوڙي لاءِ قَرِيبَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 5 ]

پَرتَوو پُنهونءَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،
ڀانيان ڏِينھُن ڀَوارَئُون، ساجَنَ لاءِ صِحَتَ،
مِٺِي مُصيبَتَ، آھي آرِيءَ ڄامَ جِي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 12 ]
ڀانيان ڏِينھُن ڀَوارَئُون، ساجَنَ لاءِ صِحَتَ،
مِٺِي مُصيبَتَ، آھي آرِيءَ ڄامَ جِي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 12 ]
جَا جِيارِي جوڳِيين، سا ماڻُهنِ مُصيبَتَ،
سامِي سُورُ صِحَتَ، جٖي پُورَڀِئا پَرُوڙِيين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 10 ]
سامِي سُورُ صِحَتَ، جٖي پُورَڀِئا پَرُوڙِيين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 10 ]
گُوندَرَ گَڏِياسِ، صِحَتَ نِيَڙَمِ سَڄَڻين،
مادَرِ مارِياسِ، ڦوڙائي پِرِيَنِ جي.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 2 ]
مادَرِ مارِياسِ، ڦوڙائي پِرِيَنِ جي.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 2 ]
English Meaning
Health, good health, recovery.