صَدا جي سنڌي معنيٰ
نِدا. قول، گفتگو. درويش يا فقير جي گهرڻ جو آواز، سوال، سَئِنَ. گنبذ جو آواز، گونج. پڙاڏو، پڙلاءُ. آواز.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The cry of a fakir asking for alms, begging. Echo of sound, call, calling.
صَدا جا بيتن ۾ حوالا
صَدا وِڌِيَمِ سُورَ جِي، اَڳِئان ڪوھِيارِي،
جَو نَجِسُ نِکاري، سو پُنهون وِڌمِ پاندَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 31 ]
جَو نَجِسُ نِکاري، سو پُنهون وِڌمِ پاندَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 31 ]
مَحلين آيو مَڱِڻو، سازُ کَڻِي سُرَندو،
سِرَ جِي صَدا سِرَ ۾، گهُورَ ھَڻِي گهُرَندو،
مَٿي ريءَ مَلُوڪَ جي، چارَڻُ نَہ چُرَندو،
جُهونا ڳَڙُه جُهرَندو، پُوندِي جهانءِ جَهروڪَ ۾.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 12 ]
سِرَ جِي صَدا سِرَ ۾، گهُورَ ھَڻِي گهُرَندو،
مَٿي ريءَ مَلُوڪَ جي، چارَڻُ نَہ چُرَندو،
جُهونا ڳَڙُه جُهرَندو، پُوندِي جهانءِ جَهروڪَ ۾.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 12 ]
چارَڻُ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، رَمِي آيو راتِ،
صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتِ،
وَڃِي ڀانَ ڀُڻڪِئو، جِتي جاجِڪَ نَہ جاتِ،
ڏيھُ ڏِنو ڏاتِ، مِيين مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 5 ]
صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتِ،
وَڃِي ڀانَ ڀُڻڪِئو، جِتي جاجِڪَ نَہ جاتِ،
ڏيھُ ڏِنو ڏاتِ، مِيين مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 5 ]
چارَڻَ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا،
صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتا،
تَنھِن تي راءُ راضِي ٿِئو، دِلِ وَڏِيءَ داتا،
مَرَڪي مَرُ ماتا، رُوڙِي راءَ ڏِياچَ جِي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 6 ]
صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتا،
تَنھِن تي راءُ راضِي ٿِئو، دِلِ وَڏِيءَ داتا،
مَرَڪي مَرُ ماتا، رُوڙِي راءَ ڏِياچَ جِي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 6 ]
مُومَلَ صَحِي پَسَندا، پَڙِهئا پَنِتَ پِيرَ، راڻا ۽ حَمِيرَ،
راڻا جٖي رَجپُوتَ، مُومَلَ صَحِي پَسَندا،
مَڃي رَضا رَبَ جِي، ھِئان سَڀَ ھَلَندا،
اَصلِ لِکِئو اَنگَ ۾، ٿِيندو تان اَدا،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ صَدا،
ڪَلمي ساڻُ لَڏائِيين، ھادِي ھِنَ ھَنڌان،
سَھُکِي سَڪِراتِ ڪَرِيين، والِي ويرَ وِداعَ،
اَھُکِيءَ ويرَ اَچيجِ تُون، اُتي اَحمَدا،
مَتان ڇَڏِيين مَڱِڻو، مَھِندان مُرشِدا.
[ سُر راڻو، وايون، 4 ]

پَھَ ۾ پَنڌِرَھين ڏِينھَن، ٿا سامِي ڪَنِ صَدا،
ڪَري آيا ڪاپَڙِي، مَنجهان گامَ گَدا،
ڪَنھِن جَنھِن ٻولَ ٻَڌا، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 15 ]