سُڃا جي سنڌي معنيٰ
ڀينگيا، ڪنگال. مفلس، بکيا، محتاج. برباد. صفا ٻُڙِي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Desolates, wastes, uninhabiteds, needies, pennilesses, necessitous, miserly. (zero)
سُڃا جا بيتن ۾ حوالا
نَنگَرَ ۽ ناڙِيُون، پَڳَھَ کَڻِي پَنڌِ ٿِئا،
بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 7 ]

سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ اُتَرَ،
ٻارَھين ماھِ موٽِئا، وِئا پَروڪِيءَ پَرَ،
سُڃا سامُونڊِيَنِ ري، بازارِيُون بَندَرَ،
کَڻِيو سُورَ سَمَرَ، اَڄُ ڪَنھِن سين اورِيان.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 15 ]

مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، پُرِ پِيالو جَنِ،
پِيَنِ پَرَچاء ناھِ ڪو، ڪَنھِن جَنھِن ڏاھَ ڏَڀَنِ،
جَنھِن نِھايَتَ ناھِ ڪا، تَنھِن سُڃا سُڃَ وَڃَنِ،
تيلاھَن اُڃَ مَرَنِ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 7 ]

ڀِنِيءَ ٿِئا ڀيڙا، ساٿِيَنِ سَنڊَ ھَٿَنَ ۾،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، کَنيائُون کيڙاَ،
لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، لَنگهي وِئا ليڙا،
وِلِهِيءَ جا ويڙِھا، سُڃا سَرَواڻَنِ ري.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 15 ]

ھَنجَ نَہ ھُلائِين، سَڄَڻَ نَہ ٽِلَنِ سيرِيين،
لَڏي ڏورِ نَہ وَڃِڻا، مَرِي مَ ڦوڙائِينِ،
سُڃا پَڊَ پِرِيَنِ جا، کَنَرَ ٿا کائِينِ،
رَھِئائِي آھِينِ، سَڄَڻَ مُنھِنجا راڄَ ۾.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 28 ]