سَوَڙِ جي سنڌي معنيٰ
ٿلهو گرم اوڇڻ. ڪپھ پيل رضائي، پٿرائي، پٿرڻي، چيري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A counterpane or quilt, quilted with cotton.
سَوَڙِ جا بيتن ۾ حوالا
سَٻَرُ سِيءُ پِئو، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو،
نَہ مُون ڪانڌُ نَہ قُوتِ، ھِي، جوڀَنُ وَھِي وِئو،
تَنِي حالُ ڪِھو، جَنِي نِڌَرَ نِجُهرا.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 7 ]
نَہ مُون ڪانڌُ نَہ قُوتِ، ھِي، جوڀَنُ وَھِي وِئو،
تَنِي حالُ ڪِھو، جَنِي نِڌَرَ نِجُهرا.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 7 ]
اُتَرُ اوتُون ڏي، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو،
سِيءُ سارِيندِيُون سي، جَنِي نِڌَرَ نِجُهرا.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 8 ]
سِيءُ سارِيندِيُون سي، جَنِي نِڌَرَ نِجُهرا.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 8 ]
اُتَرَ ڏِنِي اوتَ، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو،
چاريئِي چُنِيءَ پوتَ، ريڙِھِيندي راتِ گَئِي.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 9 ]
چاريئِي چُنِيءَ پوتَ، ريڙِھِيندي راتِ گَئِي.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 9 ]
نَہ لاکو نَہ لوڙِ، نَہ آھي اوسِيڙو،
سُمهو سَنگهارِيُون سُکِ ٿِي، سِري ڏيئِي سَوَڙِ،
ڪاڇي مَٿي ڪوڙِ، ريٻارِي رَھِي وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 15 ]
سُمهو سَنگهارِيُون سُکِ ٿِي، سِري ڏيئِي سَوَڙِ،
ڪاڇي مَٿي ڪوڙِ، ريٻارِي رَھِي وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 15 ]
English Meaning
A counterpane or quilt, quilted with cotton.