ساڳُ جي سنڌي معنيٰ
ساون پنن واري سائي ڀاڄي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Vegetable leaves, greens. Teakwood Tectona Grandis.
ساڳُ جا بيتن ۾ حوالا
ويندِيَسِ وَطَنَ سامُھِين، مَلِيرُ مُنھِنجو ماڳُ،
ڏُٿُ چُونڊِيندِيَسِ ڏيھَ ۾، ساڻُ سَرَتِيُنِ ساڳُ،
تَہ مُون سَنئُون سَڀاڳُ، جَي ويجهِي ٿِيان وَرَ کي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 4 ]

ويٺِي جَهڄان جَهلَ ۾، نَئُون ٿِئُمِ نِڀاڳُ،
مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، کِينِ سَرَتِيُون ساڳُ،
ويچارِيءَ ويراڳُ، وَنھِيَنِ ويڙِهِيچَنِ جو.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 5 ]