ساوا جي سنڌي معنيٰ
هڪ قسم جو رنگ، سبز رنگ. سبز. سرسبز، تازا. آباد. سر سڀر. ساڄا، سَڻائا. سڀاڳا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Green, yellow, blue, prosperous, rich.
ساوا جا بيتن ۾ حوالا
ڀِرِي ڀِٽَ تي آيو، سارَنگُ سَھِجَ مَنجهان،
کِڙِيُون کَٽَڻَھارَ جِيئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ،
سَرَ ساوا سَبزَ ٿِئا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪِئا،
پَھرِي پَٽَنِ تان، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 1 ]
کِڙِيُون کَٽَڻَھارَ جِيئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ،
سَرَ ساوا سَبزَ ٿِئا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪِئا،
پَھرِي پَٽَنِ تان، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 1 ]
ماڙِيءَ مِينھَن نَہ پُونِ، ساوا گاھَ نَہ سُومَرا،
ساهيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون، مَرُ هيڪاندِيُون هُوَن،
جيڏِيُنِ ڌاران جُونِ، عُمَرَ کاڌِي آھِيان.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 7 ]
ساهيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون، مَرُ هيڪاندِيُون هُوَن،
جيڏِيُنِ ڌاران جُونِ، عُمَرَ کاڌِي آھِيان.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 7 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَتِ پييُون، وِڄُون ويسَ ڪَري،
مِينھَن وَسِي مُلڪَ جا، ڇَڏِئا تَلَ ڀَري،
قادِرُ ڪَرَمَ ڪَري، سُڪا پَٽَ ساوا ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 12 ]
مِينھَن وَسِي مُلڪَ جا، ڇَڏِئا تَلَ ڀَري،
قادِرُ ڪَرَمَ ڪَري، سُڪا پَٽَ ساوا ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 12 ]
English Meaning
Green, yellow, blue, prosperous, rich.