رُڃنِ جي سنڌي معنيٰ
اونداھي، ڪجهہ بہ نہ جتي ھجي، ٻاٽ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Darks, emptiness
رُڃنِ جا بيتن ۾ حوالا
وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين،
شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي،
بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن، ٻَران شالَ اُجَهامِي،
پِرتِ جا پِيتَمِ جِي، ڪِينَ پَرُوڙي عامِي،
مُون کي مُون پِرِيَنِ جو، دَردُ آھِ دَوامِي،
ھيڪاندِي ٿيِندِيَس ھوتَ سين، آڌِيءَ اُڏامِي،
آھِيان يارُ سَيِّدَ جو، ڪانَہ رَھِي ڪا خامِي،
ھُو جو لَنئُن لَطِيفَ جو، مُون کي آھِ مُدامِي،
روشَنُ ٿِئا رُڃنِ ۾، جٖي ھُئا ھِنَ لَي جِي لامِي،
آيَمِ تَنھِن لوڪَ سين، جٖي سيما چَوَنِ ساھِمِي.
[ سُر کنڀات، وايون، 2 ]

اَدا ڙي ڏوٿِي پُڇان تو ٿِي، ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِيئَن،
ڪو ڏَسُ مُون ڏي،
نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومَرِي، نَہ آئُون جَتِ نَہ اوٺِي،
اُنِهين مَنجهان آھِيان، جٖي ٻانڀَڻَ پَڙَهنِ پوٿِي،
سَنجهي وِئَڙو سُپِرِين، ساجَنُ پُڇان سو ٿِي،
رويو چُئان رُڃنِ ۾، ھئَي ھئَي ھَٺَ ڪوھُ ٿِي،
ھَلِجِ ھوتَ پُنهونءَ ڏي، مَنجهان نِينھَن نِڪُو ٿِي،
آتَڻُ وِجِهي آڳِ ۾، مَنجهان جوئِنِ جوءِ ٿِي،
پَريٽِ ٿيِندِيَس پُنهون پُڇندِيَس، پَڇاڙيندِيَسِ پوتِي،
ھِتان ٿِي ھوتُ وِئو، جَتُ پُڇين جو ٿِي،
سَنجهي ساٿَ پَلاڻِئو، تو پَلاڻِئو پوءِ ٿِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 20 ]

ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، آڌِي آھُون پُونِ،
مُئي پُڄاڻا مُنڌَ کي، روجَهہ رُڃنِ ۾ رُونِ،
ڀُڻان اِيئَن چُوَنِ، تَہ مُئِيءَ اَسان کي مارِئو.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 13 ]