رُٺو جي سنڌي معنيٰ
رُسيو، رنج ٿي ويو، ڪاوڙيو، رسي ھليو ويو. تنگ ٿي منھن متي ويو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To have a misunderstanding with a friend, to take offence, sulk. Became angry, left.
رُٺو جا بيتن ۾ حوالا
راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، وِجُهلَندو وِئو،
مُنھِنجو مَنُ مَينڌَري، پائي نِيَرُ نِيو،
ٻُجهان ڪو ٻِئو، سوڍي سانگُ چِتايو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 24 ]
مُنھِنجو مَنُ مَينڌَري، پائي نِيَرُ نِيو،
ٻُجهان ڪو ٻِئو، سوڍي سانگُ چِتايو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 24 ]
راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ڪارِي ٿِي قِيامَ،
ڍاٽِيءَ ڍَٽُ چِتايو، ڪَرَھي ھَڻِي ڪامَ،
مارِيَسِ تَنھِن مامَ، جا ڪامِلُ ڪالَهہ ڪَري وِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 26 ]
ڍاٽِيءَ ڍَٽُ چِتايو، ڪَرَھي ھَڻِي ڪامَ،
مارِيَسِ تَنھِن مامَ، جا ڪامِلُ ڪالَهہ ڪَري وِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 26 ]
راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ٿِي قِيامَتَ ڪارِي،
جَنھِن ۾ مِيرُ مَينڌَرو، سا پَر نَہ مُون پاري،
ڍولي سا ڍارِي، جِيئَن مُنھُن مَٿاھُون نَہ کَڻان.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 27 ]
جَنھِن ۾ مِيرُ مَينڌَرو، سا پَر نَہ مُون پاري،
ڍولي سا ڍارِي، جِيئَن مُنھُن مَٿاھُون نَہ کَڻان.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 27 ]
راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ٿِي ڪارِي قِيامَتَ،
اَندَرِ آڳُون لائِيُون، سوڍي جي صُحبَتَ،
مارِيَسِ تَنھِن مَحَبتَ، جا ڪامِلُ ڪالَهہ ڪَري وِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 25 ]