رَتَ جي سنڌي معنيٰ
خُون، لَھُو. عزازت، مائٽي. نسل،اولاد. سَگهہ، سَتُ، زورُ. ٿولهہ، ماچ. سُونھن، مُنھن جي رونق، تازگي. ڳاڙهاڻ، لالائي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Blood, red fluid of life. Gore, lifeblood,
رَتَ جا بيتن ۾ حوالا
ڏاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ موتِيُنِ ڳُتِيا،
چوڏَھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پيشانِياسِ،
سِيمَاهُمْ فِي وُجُوهِهِم ، مُنھَن ۾ مَڻِ ڳُتياسِ،
اَللّٰهُ نُوْرُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ جَلوو زَمِيناسِ،
ڪَڪِرا ڪَربَلا جا، مادَرِ ٿي ميڙِياسِ،
ڦَٽَنِ تان رَتَ ڦُڙا، عَلِيءَ ٿي اُگهٽِياسِ،
اُمَتَ تي اِحسانَ سين، ٿيندِي شَفاعَتَ سَندِياسِ،
مِڙَئِي مَعافُ ڪِئاسِ، خالِقَ بَدِلي خُونَ جي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 1 ]

پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، ھَڻي ھَزارِي ھولُ،
ھِيري لالَ ياقُوتَ جو، ڪامِلَ سِرِ ڪَنگولُ،
رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهِيو مِيرَ حُسينَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 5 ]
ھِيري لالَ ياقُوتَ جو، ڪامِلَ سِرِ ڪَنگولُ،
رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهِيو مِيرَ حُسينَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 5 ]
ڏِٺو ڪالَهہ ڪَھِين، جُهونجارَڪو جَهڳڙو،
ھاٿِينِ ھَڏَ مُڇائِيا، ريلو رَتَ نَئين،
ڀائِينِ سا سَنئِين، جِئان جِيءَ جوکو ٿئي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 12 ]

ڏَاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ ڏاڙُهونءَ گُلَ جِيئَن،
چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
تَنھِن سُورِھَہ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿئي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 2 ]
چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
تَنھِن سُورِھَہ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿئي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 2 ]
پِرھَ پَکِي آيو، ڪَربَلا مان ڪالَهہ،
آيو آلودو رَتَ ۾، ھئَي ھئَي مَنجهان حالَ،
گهوٽَ وَناھِيا ڪالَهہ، ٻيلِي مِيرَ حُسينَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 16 ]
آيو آلودو رَتَ ۾، ھئَي ھئَي مَنجهان حالَ،
گهوٽَ وَناھِيا ڪالَهہ، ٻيلِي مِيرَ حُسينَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 16 ]
ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪَڪِرا،
لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، اُٿِي ڏُونگَرُ ڏورِ،
رائو مِڙيوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،
جَتُ وَڃي ٿو جورِ اُپُڙُ تَہ اوڏِي ٿِيين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 2 ]
لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، اُٿِي ڏُونگَرُ ڏورِ،
رائو مِڙيوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،
جَتُ وَڃي ٿو جورِ اُپُڙُ تَہ اوڏِي ٿِيين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 2 ]
ڏِينھان ڏارِيءَ روءِ، راتِيان روءِ رَتَ ڦُڙا،
مَنجِهہ ويچارِيءَ ووءِ، ٻَھران ٻِي ٻِيَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 8 ]
مَنجِهہ ويچارِيءَ ووءِ، ٻَھران ٻِي ٻِيَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 8 ]
جَتَ نَہ ڀائِي رَتَ، ڌارِئان ڌارِئين ڏيھَ جا،
مُنڌَ نَہ ھُئِي مائِٽي، جَنِي ساڻُ جِھَتَ،
ڪيچِيَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئا، پَرِيُون ۽ پَھَتَ،
ھُنِ جا مَٿي واڳُنِ ھَٿَ، آئُون پاڳَوڙانِ پُڄِئو روئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 11 ]
مُنڌَ نَہ ھُئِي مائِٽي، جَنِي ساڻُ جِھَتَ،
ڪيچِيَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئا، پَرِيُون ۽ پَھَتَ،
ھُنِ جا مَٿي واڳُنِ ھَٿَ، آئُون پاڳَوڙانِ پُڄِئو روئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 11 ]
جَتَ نَہ ڀائِي رَتَ، ڌارِيان ڌارِئِين ڏيھَ جا،
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بِروھِي بُرفَتَ،
اُنِ جا مَٿي واڳُنِ ھَٿَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُوئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 12 ]
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بِروھِي بُرفَتَ،
اُنِ جا مَٿي واڳُنِ ھَٿَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُوئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 12 ]
English Meaning
Blood, red fluid of life. Gore, lifeblood,